Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

هن مدني ڪم جا بيشُماردِيني ۽ دُنيوي فائدا آهن۔ جيئن ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان گناهن کان بچڻ جو ذِهن ملندو آهي۔مدني مذاڪري جي برڪت سان علمِ دِين حاصل ٿيندو آهي۔ ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان دِيني معلومات (Islamic Information) سان گڏوگڏ اَخلاقي ۽ تنظيمي تربيت به نصيب ٿيندي آهي۔ ٭

اچو! تَرغيب لاءِ هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪرڻ جي نِيت ڪريو۔ جيئن

دل خوف سبب ڏڪي ويو

   باب المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀيڻ فلمون ڊراما شوق سان ڏسندي ۽ نمازون قضا ڪري ڇڏيندي هئي. هڪ ڏينهن ان کي دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀيڻ اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ٿيڻ واري”مدني مذاڪري“ جي ڪيسٽ ٻڌڻ جي لاءِ ڏني. ان مدني مذاڪرو ٻڌڻ شروع ڪري ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ قبر جي اڪيلائين ۽ پريشانين جو اهڙو نقشو ڇڪيو جو ان اسلامي ڀيڻ جو دل خوفِ خدا سان ڏڪي ويو ۽ قبر جي وحشت ناڪ تصور ان جي جسم کي ڪانڊاري ڇڏيو. ان گهٻرائجي سمورن گناهن کان توبهه ڪئي ۽ نمازن جي پابند بڻجي وئي. انهيء مدني مذاڪري جي برڪت سان ان کي فلمن ڊرامن جي نحوست کان به نجات ملي وئي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هاڻي نه صرف اها پاڻ دعوت اسلامي جي اسلامي ڀينرن جي هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ شريڪ ٿينديون آهن بلڪ ٻين اسلامي ڀينرن کي به ان جي دعوت ڏينديون آهن.

(فلمي اداڪاره جي توبهه ص20)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِمدادِ مُصطَفٰي جو باب گھڻو وسيع ۽ ڪشادو آهي، نبين جي سُلطان، مَحبوبِ رحمٰن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مشڪل ڪشائي جو اهو فَيضان صِرف انسانن تائين ئي مَحدود ناهي، ان ڪري جو پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صِرف انسانن ئي جا نبي نه آهن بلڪه تمام مخلوقات ڏانهن نبي بڻائي موڪليا ويا آهن، تنهنڪري جھڙي طرح پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي ڏکويل اُمَّتين جا فَرياد ٻڌن ٿا ۽ الله پاڪ جي عطا سان انهن جي مُشڪل ڪشائي فرمائن ٿا، اهڙي طرح پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مصيبتن