Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat
عَمَلِهٖ“ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .
(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)
ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.
(2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.
بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون
٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ربيع الاول جو مبارڪ مهينو پنهنجون برڪتون لُٽائي رهيو آهي، هر پاسي مٺي مٺي آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذِڪر سان عاشقانِ رسول پنهنجي دِل ۽ دِماغ کي مهڪائي رهيا آهن، ڪٿي سندن ولادت جو ذِڪر آهي ته ڪٿي سندن ڪمالات (Virtues) جي ڳالھ آهي۔ ڪٿي سندن سيرت بابت بيان آهي ته ڪٿي سندن مبارڪ صورت جو ذِڪر خير آهي۔ ڪٿي عِبادتِ مُصطَفٰي جو بيان آهي ته ڪٿي سلطنتِ مُصطَفٰي جا چرچا آهن۔ ڪٿي شفاعتِ مُصطَفٰي جا تذڪرا آهن ته ڪٿي سندن عنايتن جا چرچا آهن۔ ڪٿي سندن عظمتن جو بيان آهي ته ڪٿي سندن رِفعتن (بُلندين) جا تذڪرا آهن۔ ڪٿي طاقتِ مُصطَفٰي جو بيان آهي ته ڪٿي شُجاعتِ مُصطَفٰي جا گيت ڳايا پيا وڃن۔ ڪٿي نگاھ مُصطَفٰي جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي