Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

شعر جي وضاحت: حديبيه جي مقام تي جڏهن پاڻي ختم ٿي ويو هو، ته نبي ڪريم، صاحبِ خُلقِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو مبارڪ هٿ ٿانوءَ ۾ رکيائون ته ڄڻ پاڻي جون نهرون جاري ٿي ويون، جن مان هزار کان وڌيڪ صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ پنهنجي اڃ پوري ڪئي ۽ پنهنجا ٿانوء ڀريا۔ انهيء منظر جو نقشو ڇڪيندي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ آڱرين مان رحمت جون پنج نهرون نڪتيون جيڪي هلي رهيون هيون ۽ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جھومي جھومي ڪري ايندا هئا ۽ پنهنجي اڃ پوري ڪندا هئا۔

مسلم شريف ۾ آهي ته حضرت سَيدُنا ربيعه بن ڪعب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  حضور پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  کان جنت گھري ته ان  کي جنت   عطا ڪري ڇڏيائون۔ (مسلم ڪتاب الصلاة،باب فضل السجود …الخ، ص ۱۹۹،حديث: ۱۰۹۴ماخوذاً)

جہاں بانی عطا کردیں بھری جنت ہِبہ کردیں                        نبی مختارِ کُل ہیں جس کو جو چاہیں عطا کردیں

جہاں میں اُُن کی چلتی ہے وہ دم میں کیا سے کیا کردیں            زمیں کو آسماں کردیں ثُرَیَّا کو ثَرا کردیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

8مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني مذاڪره“

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! گناهن کان نفرت ڪرڻ، نيڪي جي دعوت ۽ اُمّتِ مُسلمه جي خيرخواهي وغمخواري جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو، ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني مذاڪرو“ به آهي، هر اسلامي ڀيڻ روزانو انفرادي طور تي يا سڀني گهروارن کي(جن ۾ نامحرم نه هجن) جمع ڪري شيخِ طريقت، اميراهلسنتدَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا سنتن ڀريا بيان ۽ مدني مذاڪره ”مڪتبة المدينه“ کان جاري ٿيندڙ ٻين مبلغن جا سنتن ڀريا بيان ضرور ٻڌي. مدرسة المدينه (بالغات) ۾ هفته وار جامعة المدينه ۾ روزانو”ڪيسٽ اجتماع“ ڪيو. (روزانو سنتن ڀريو بيان يا مدني مذاڪرو ٻڌڻ وارن سان اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ تمام گهڻا خوش ٿيندا آهن)