Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

بخاري شريف ۾ اها روايت به آهي ته اڱرين مان پاڻي جا چشما جاري ڪري چوڏهن سو (1400) يا ان کان به وڌيڪ ماڻهن کي سيراب ڪيائون۔ (بخاري، ڪتاب المغازي، باب غزوة الحديبية،۳ /۶۹، حديث:۴۱۵۲ و۴۱۵۳ ماخوذاً)

اُنگلیاں پائیں وہ پیاری پیاری                  جن سے دریائے کرم ہیں جاری

جوش پر آتی ہے جب غمخواری            تِشنے سیراب ہوا کرتے ہیں

شعر جي وضاحت: اسان جي آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جي نرم و نازڪ ۽ پياري پياري آڱرين جو اهو شان آهي جو انهن مان پاڻي جا چشما جاري ٿي پوندا آهن، مٺا آقا، مالڪِ ڪائنات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن پنهنجي غلامن تي مهربان ٿيندا آهن ته اڃايلن کي انهن آڱرين مان سيراب ڪندا آهن۔

لُعابِ دَهن (مبارڪ ٿڪ) مان ڪيترن ئي ماڻهن کي شِفا عطا فرمائي۔ (خصائص ڪبري،باب آياته في ابراء المرضي …الخ، ۲/۱۱۵-۱۱۸ ماخوذاً)

جيئن ته تمام مشهور واقعو آهي ته مڪي پاڪ کان مديني شريف ڏانهن هجرت ڪندي جڏهن اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ غار ڏانهن هليا، ته اتي پهچندي ئي سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جيستائين مان اندر نه وڃان اوهان داخل نه ٿجو، جيڪڏهن ان ۾ ڪا نقصان واري شيء هوندي ته اوهان کان پهريان مون تائين پهچندي۔ پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اندر ويا غار صاف ڪيائون، غار ۾ چئني پاسي سوراخ هئا، جن کي پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي تهبند جا ٽڪرا ڪري بند ڪيائون۔ پر ٻه سوراخ رهجي ويا، ان تي پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجو پير رکي عرض ڪيائون: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اندر تشريف فرما ٿيو۔ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم داخل ٿيا ۽ سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي هنج ۾ مٿو مبارڪ رکي آرام فرمائڻ لڳا، سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي سوراخ مان ڪنهن زهريلي شيء ڏنگي وڌو۔ پر حضور نبي ڪريم، روؤف رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ننڊ ۾ خلل اچڻ جي خوف سبب ٿورو به نه چُريا، پر لڙڪ وهڻ لڳا، جيڪي رسولِ اڪرم،نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رُخِ انور کي چمڻ لڳا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بيدار ٿيا ۽ فرمايائون: ابوبڪر! توهان کي ڇا ٿيو؟ عرض ڪيائون: ڪنهن (نانگ) ڏنگي وڌو آهي، اوهان تي منهنجا ماءُ پيءُ قربان! سرڪارِ مدينه،قرارِ