Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat
عطاءِ مُصطَفٰي جو بيان آهي۔ ڪٿي خاندانِ مُصطَفٰي جا چرچا آهن ته ڪٿي برڪاتِ نبوت جو بيان آهي۔ ڪٿي معجزاتِ مُصطَفٰي جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي اَخلاقِ مُصطَفٰي جو بيان آهي۔ ڪٿي اِختياراتِ مُصطَفٰي جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي نوازشاتِ مُصطَفٰي جو بيان آهي۔ ڪٿي هجرتِ مُصطَفٰي جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي اِستقبالِ مُصطَفٰي جو بيان آهي۔ ڄڻ ته ذرو ذرو ميلادِ مُصطَفٰي جي برڪتن مان پنهنجو حصو ماڻي رهيو آهي۔
اچو! انهيء مناسبت سان اڄ اسان به ”اِمدادِ مُصطَفٰي جي واقعن“ تي مُشتَمِل بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿيون۔ صحابَه ڪرام ۽ ٻيا بزرگ سڳورا رِضْوَانُ الله عَلَيهمْ اَجْمَعِين مشڪل حالتن ۾ ڪهڙي طرح رسولِ خدا، شاھ ارض و سما صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان فرياد ڪن ٿا ۽ اِمدادِ مُصطَفٰي سان خالي جھوليون ڪيئن ڀرين ٿا، اهو به ٻڌنديون سين۔ اسان جا آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيئن پنهنجي اُمّتين جي مدد ڪن ٿا اهو به ٻڌنديون سين۔ اهڙي طرح پيارا آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جانورن جي به فرياد ٻڌندا هئا ۽ مدد ڪندا هئا، ان بابت به ڪجھ واقعا ٻڌنديون سين۔ ان جي علاوه ٻيا به ڪيئي طرح جا مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنديون سين۔ الله ڪري ته دِلجمعي سان اسان شروع کان آخر تائين سٺين سٺين نيتن سان بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔
اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”فيضانِ صديقِ اڪبر“ جي صفحي 384 تي آهي: اميرالمؤمنين حضرت سَيدُنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ حضرت سَيدُنا عِڪرِمه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي مُسَيلِمَه ڪذَّاب جي سر قلم ڪرڻ جي لاءِ روانو فرمايو ۽ پوءِ حضرت سَيدُنا شُرَحۡبِيل رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ان جي مدد جي لاءِ موڪليو، پر انهن ٻنهي جي اڳيان ان بدبخت هٿيار ڦٽا نه ڪيا، ڇوته حُضورِ اڪرم، نُورِ مجسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دنيا مان تشريف کڻي وڃڻ کان بعد مُسَيلِمَه ڪذَّاب جو ڪاروبار چمڪي پيو هو ۽ تقريبًا هڪ لک (100000) کان وڌيڪ ماڻهو ان جي چوڌاري گڏ ٿي ويا هئا، حضرت سَيدُنا