Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat
شخصيت يعني حضورِ انور، شافعِ محشر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان تي ايندڙ مصيبت کان بي خَبَر رهن۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل واقعي ۾ جنهن جنگ جو ذِڪرڪيو اها جنگِ يمَامَه آهي، جنهن ۾ حضرت سَيدُنا خالد بن وَلِيد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مشڪل گھڙي ۾ شهنشاھ ڪون ومڪان، مَحبوبِ رحمٰن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وِصالِ ظاهري کان بعد مدينَه مُنَوَّرَه کان تمام پري ٿي ڪري به ”يا مُحَمَّدَاه “ جا نعرا لڳائي رهيا آهن۔ غَور ڪريو ته اهي خالد بن وَلِيد رَضِىَ اللهُ عَنْه جن کي مڪي مَدَني سُلطان، رَحمت ِ عالَمِيان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سَيفٌ مِن سُيُوفِ الله يعني الله پاڪ جي تَلوارن مان هڪ تَلوار جي خِطَاب سان نوازيو، اهي خالدبن وليد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جيڪي پاڻ معلمِ انسانيت،شفيعِ اُمّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا تربيت يافته هئا، اهي خالدبن وليد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جيڪي اهڙي عظيم لشڪرِ اسلام جا سپه سالار (Chief) هئا جنهن ۾ رَسُولِ خُدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا تَربِيت يافتَه ۽ شريعت جا پابند وڏا وڏا صحابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ موجود هئا، جيڪڏهن نبي ڪريم، رؤف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وصالِ ظاهري کان بعد پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي مدد جي لاءِ سڏڻ جائز نه هجي ها ته يقيناً ٻيا صحابي سڳورا عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ چپ نه رهن ها بلڪ انهيء وقت پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ان عمل کان روڪين ها، پر انهن نه روڪيو، تنهنڪري ان جو نه روڪڻ ئي هن ڳالھ جو دليل بڻجي ويو ته حضرت سَيدُنا خالد بن وَلِيد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو عمل شرعاً جائز هو۔ لهٰذا جڏهن به ڪا مصيبت (Trouble) اچي ته پوري تَوَجُّه ۽ ڪامل يقين سان رَسولِ ڪائنات، فَخرِمَوجُودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي مدد جي لاءِ پُڪاريو ۽ دل ۾ اهو يقين رکو ته رسولِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نه صِرف منهنجو فَرياد ٻڌي رهيا آهن بلڪ الله پاڪ جي عطا سان منهنجي مدد به فرمائيندا۔
یا رَسُوْلَ اللہ کے نعرے سے ہم کو پیار ہے ہم نے یہ نعرہ لگایا اپنا بیڑا پار ہے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! صحابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ جو آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمکي سڏڻ مرحبا! هن ۾ اسان جي به تربيت جو سامان آهي۔ اسان کي