Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat
تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيت سڳوري جي تحت آهي: هن آيت ۾ حضرت جبريل عَلَيه السَّلَام ۽ نيڪ مسلمانن کي موليٰ يعني مددگار فرمايو ويو ۽ ملائڪن کي ظهير، يعني معاون قرار ڏنو ويو، هن مان خبر پئي ته الله پاڪ جا ٻانها مددگار آهن، ياد رهي ته جتي غيرُالله جي مدد جي نفي آهي، اتي حقيقي مدد مراد آهي۔ (صراط الجنان، ۱۰/۲۱۸)
۽ ان حقيقي مددگار، خداءِ بي نياز جي عطا سان محبوبِ غفّار، اسان جي آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سِيرتِ مبارَڪه ۾ مدد ڪرڻ جا ايترا مثال موجود آهن جيڪي جيڪڏهن سڀئي گڏ ڪيا وڃن ته هڪ عظيمُ الشَّان ڪتاب مُرَتَّب ڪري سگھجي ٿو۔ اچو! مختصر طور ڪجھ مثال ٻڌون ٿا:
بخاري شريف ۾ آهي، نبي ڪريم، صاحبِ خُلقِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٿوري کاڌي مان سڄي لَشڪر کي ڍَؤ ڪرائي ڇڏيائون۔ (بخاري، ڪتاب المغازي، باب غزوة الخندق …الخ، ۳/۵۱-۵۲، حديث: ۴۱۰۱ ماخوذاً)
امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اها حديث به نقل فرمائي آهي ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کير جي هڪ پيالي مان 70 صحابَه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهمْ اَجْمَعِين کي ڍَؤ ڪرائي ڇڏيائون۔ (بخاري، ڪتاب الرقاق ،باب ڪيف ڪان عيش النبي…الخ،۴/۲۳۴،حديث: ۶۴۵۲ ماخوذاً)
سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي هڪ ڪلام ۾ هن واقعي جي منظر ڪشي ڪيتري پياري انداز ۾ ڪئي آهي۔
کیوں جنابِ بُوہریرہ تھا وہ کیسا جامِ شِیر جس سے ستّر صاحبوں کا دودھ سے منہ پِھر گیا
شعر جي وضاحت: اي جنابِ ابو هريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ! اهو کير جو پيالو ڪيترو مٺو ۽ لذيذ هو، جنهن کي ستر (70) صحابَين سڳورن عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ پي ڍَؤ ڪيو، پر پوءِ به کير پيالي ۾ بچي پيو۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد