Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat
حاصل ٿيندي آهي، ٭ خوف دور ٿيندو آهي، ٭ ظُلم کان نَجات حاصل ٿيندي آهي، ٭دُشمنن تي فَتح (Victory) حاصل ٿيندي آهي، ٭ الله پاڪ جي رِضا حاصل ٿيندي آهي ۽ دل ۾ ان جي مَحَبَّت پيدا ٿيندي آهي، ٭ملائڪ ان جو ذِڪر ڪندا آهن، ٭ عملن جي تڪميل ٿيندي آهي، ٭ دل ۽ جان، اسباب ۽ مال جي پاڪيزگي حاصل ٿيندي آهي، ٭ پڙهڻ وارو خُوشحال ٿي ويندو آهي، ٭ بَرَڪتون حاصل ٿينديون آهن، ٭ اَولاد دَر اَولاد چار نسلن تائين بَرَڪت رهندي آهي، ٭ دُرُود شريف پڙهڻ سان قِيامت جي هولناڪين کان نجات ملندي آهي، ٭ موت جي سختين ۾ آساني ٿيندي آهي، ٭ دنيا جي تباھ ڪارين کان نجات ملندي آهي، ٭ تنگدستي (Poverty) پري ٿيندي آهي، ٭ وسري ويل شيون ياد اينديون آهن، ٭ ملائڪ دُرُود پاڪ پڙهڻ واري کي گھيري وٺندا آهن، ٭ دُرُود شريف پڙهڻ وارو جڏهن پُل صِراط تان گُذرندو ته نُور ڦهلجي ويندو ۽ هو ان ۾ ثابِت قدم ٿي اک ڇنڀ جيتري ٽائم ۾ نَجات ماڻي ويندو، ٭ وڏي عظيم سَعادت هي آهي ته دُرُود شريف پڙهڻ واري جو نالو حُضُور سراپا نُور، فيضِ گَنجور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، ٭ تاجدارِ مدينه، قرارِ قلب و سِينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مَحَبَّت وڌندي آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون خوبيون دل ۾ رهنديون آهن، ٭ ڪثرتِ دُرُود شريف سان حُضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو تصوُّر ذِهن ۾ قائم ٿي ويندو آهي، ٭ خُوش نَصيبن کي قُربتِ مُصطَفٰي نصيب ٿيندي آهي، ٭ خَواب ۾ مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو دِيدار نصيب ٿيندو آهي، ٭ دُرودشريف پڙهڻ واري کي ملائڪ مرحبا چوندا آهن، ۽ مَحَبَّت رکندا آهن، ٭ ملائڪ ان جي دُرُود کي سون جي قَلمن کان چاندي جي تختين تي لکندا آهن ۽ اُن جي لاءِ بخشش جي دُعا ڪندا آهن ۽ زمين تي سير ڪندڙ ملائڪ ان جي دُرُود شريف کي مدَني سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ بيڪس پناھ ۾ پڙهڻ واري ۽ ان جي پيءُ جي نالي سان گڏ پيش ڪندا آهن۔ (جذب القلوب، ص۲۲۹)
دُکھوں نے تم کو جو گھیرا ہے تو دُرُود پڑھو جو حاضِری کی تَمنّا ہے تو دُرُود پڑھو
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ”نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ