Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بغير شڪ ۽ شبهي جي اسان جا آقا ۽ موليٰ، ٻنهي جھانن جا داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي اُمَّتين تي اُنهن جي والدين کان به وڌيڪ مهربان (Kind) آهن ۽ اُنهن تي تمام گھڻو لطف ۽ عنايت به فرمائيندا آهن، پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي هر اُمَّتي کي نه صرف سڃاڻيندا آهن بلڪ مشڪل حالتن ۾ ڦاٿل اُمَّتين جي مدد به فرمائيندا آهن۔

بيان ڪيل واقعن ۾ جتي آقاءِ دو جهان، سرورِ ذِيشان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ظاهري وصال کان بعد مدد ڪرڻ ثابت ٿي رهيو آهي، اتي درود ِپاڪ جي فضيلت جو به بيان آهي ۽ اهو به معلوم ٿيو ته دُرُودِ پاڪ پڙهڻ سان وڏي کان وڏيون بلائون ٽري وينديون آهن، ۽ دُرُودِ پاڪ پڙهڻ وارن تي سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب وسينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خصوصي شفقتون فرمائيندا ۽ مصيبت جي وقت اُنهن جي مدد به فرمائيندا آهن۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ مختلف موقعن تي درودِ پاڪ جي ترغيب ڏياري ويندي آهي ۽ درود شريف پڙهڻ ته مدني انعامات ۾ به شَامل آهي، جيئن مدني انعام نمبر 5 ۾ آهي: ڇا اڄ اوهان پنهنجي شجري جا ڪجھ نه ڪجھ اَوراد ۽ گھٽ ۾ گھٽ 313 ڀيرا درود شريف پڙھي ورتا؟ اهڙي طرح مدني انعام نمبر 49 ۾ فضول ڳالھ ڪرڻ جي صورت ۾ نادِم (يعني شرمسار) ٿي درود شريف پڙهڻ جي ترغيب موجود آهي۔ تنهنڪري درودِ پاڪ جي عادت بڻائڻ جي لاءِ مدني انعامات تي عمل بهترين نُسخو آهي، درود ۽ سلام جون فضيلتون پڙھنديون رهو ۽ نه پڙهڻ جون وعيدون به ذهن نشين رکو، هميشه پاڻ وٽ هڪ عدد تسبيح ضرور رکو، جنهن جي ذريعي روزانو هڪ مخصوص تعداد ۾ درود شريف پڙھنديون رهو، ان کان علاوه فارغ وقت ۾ به فضول ڳالهين ۾ مشغول رهڻ جي بجائي ذڪر و درود جي عادت بڻايو۔

اچو! ترغيب لاءِ دُرُودِ پاڪ پڙهڻ سان حاصل ٿيڻ وارين بَرڪتن جي باري ۾ ٻڌون ٿا، جيئن

مشهور مُحَدِّث حضرت سَيدُنا شيخ عبدُالحق مُحدِّثِ دِهلَوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ٭ دُرُود شريف سان مصيبتون ٽرن ٿيون، ٭ بيمارين کان شِفا