Book Name:Imdaad-e-Mustafa Kay Waqeaat
راز آهي؟ ته هو پڇڻ لڳو: الله پاڪ اوهان کي معاف فرمائي، اوهان ڪير آهيو؟ مون ٻڌايو: مان سفيان ثوري آهيان۔پوءِ ان چيو: جيڪڏهن اوهان زماني وارن ۾ اجنبي نه هجو ها ته مان اوهان کي پنهنجي حال ۽ ان راز جي خَبَر نه ڏيان ها، پوءِ چيائين ته مان پنهنجي والدِ گرامي سان گڏ بيتُ الله جي حجِ جي ارادي سان نڪتس۔ سفر دوران منهنجو والد صاحب بيمار ٿي پيو، اُن جو چهرو ڪارو (Black) ٿي ويو، اکيون نيريون ٿي ويون ۽ پيٽ ڦوڪجي ويو هو، مون روئيندي هي پڙھيو: اِنّالِلّٰه وَاِنَّا اِلَيه رَاجِعُوْنَ (پ۲، البقرة:۱۵۶) (ترجَمو ڪنز الايمان: اسان الله جي مِلڪ آهيون، ۽ اسان کي ان جي طرف موٽڻو آهي) (ٿوري دير کان پوءِ) انهيءَ ويراني ۾ منهنجي والد جو انتقال ٿي ويو، پوءِ مون ان جي چهري تي چادر وجهي ڇڏي۔ اوچتو مون تي ننڊ جو غَلَبواچي ويو ۽ مان سمهي پيس، مون هڪ شخص کي ڏٺو ان کان وڌيڪ حسين وجميل ۽ صاف سٿري لباس وارو مون ڪڏهن نه ڏٺو هو۔ هو منهنجي والدِ محترم جي ويجهو تشريف کڻي آيا ۽ ان جي چهري تان چادر هٽائي پنهنجو مبارَڪ هٿ چهري تي ڦيرڻ لڳا۔ ته ان جو چهرو کير کان وڌيڪ سفيد ٿي ويو۔ پوءِ ان شخص پيٽ تي هٿ ڦيريو ته اهو پهريان وانگر ٿي ويو، پوءِ هو موٽڻ لڳا ته مان بيهي رهيس ۽ مون ان جي چادر کي پڪڙي پڇيو: ياسَيدِي! الله پاڪ اوهان تي رحم فرمائي، اوهان ڪير آهيو؟ جن جي سبب الله پاڪ منهنجي والدِ محترم تي هن ويراني ۾ احسان فرمايو آهي، ان پڇيو: ڇا تون مون کي نٿو سڃاڻين؟ مان مُحَمَّدٌرَّسُوْلُ الله (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) آهيان، تنهنجو پيءُ تمام گھڻو گناهگار هو، پر مون تي ڪثرت سان دُرُودِ پاڪ پڙهندو هو۔ جڏهن هو هن بيماريءَ ۾ مُبتَلا ٿيو ته مون سان فرياد ڪيائين ۽ بيشڪ جيڪو مون تي ڪثرت سان دُرُودِ پاڪ پڙھندو آهي، مان ان جي فرياد تي پهچندو آهيان۔ پوءِ مان بيدار ٿيس ته ڏٺم منهنجي والد سڳوري جو چهرو سفيد ۽ ڦوڪيل پيٽ درست ٿي چڪو هو۔
(روح البيان،پ۲۲، الاحزاب، تحت الآية:۵۶،۷/۲۲۵)
فریاد اُمَّتی جو کرے جو حالِ زار میں
ممکن نہیں کہ خیرِ بَشر کو خبر نہ ہو