Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

مان ميندي جا ٿالهه کڻي گذرنديون آهن، پوءِ گهوٽ يا ڪنوار جي گهر وڃي نچڻ ڳائڻ جي ”پرائيويٽ“ محفل سجائينديون آهن ۽ قِسم قِسم جي فتنن جو ذريعو بڻجنديون آهن۔ (تربيتِ اولاد،ص۳۷،۳۶)

ميوزيڪل فنڪشن

انهيء تي بس ناهي بلڪ هاڻي ته باقاعده ميوزيڪل فنڪشن جو بندوبست ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ آلات موسيقي سان گڏ ڳائڻن ۽ ڳائڻين کان اسپيڪر تي گانا ٻڌا ويندا آهن ۽ ناچو عورتن جو ناچ ڏٺو ويندو آهي ۽ تاڙيون وڄائي، انهن کي داد به ڏنو ويندو آهي۔ اهڙي قسم جي محفلن ۾ جن بي حيائين، بدڪارين ۽ اخلاق کان ڪِريل ڳالهين جو مظاهرو ٿيندو آهي، انهن کي بيان ڪرڻ جي ضرورت ناهي۔    مَعَاذَالله عَزَّوَجَلَّ! والدين، ڌيءُ پٽ، ڀيڻ ڀاءُ گڏجي اهڙين خوشين ۾ مست هوندا آهن ۽ ”حياءُ“ پري بيٺو شرم کان پاڻي پاڻي ٿي رهيو آهي۔ اهڙين ئي محفلن جي ڪري ڪيترائي نوجوان ڀٽڪجي ويندا آهن ۽

پنهنجو ڌن دولت برباد ڪري ويهندا آهن۔ (تربيت اولاد،ص۳۷)

مڱڻيء جي رسم

مڱڻي شادي جي واعدي جو نالو آهي، پر ان موقعي تي به بيهوده رسمون ادا ڪرڻ تمام ضروري سمجهيو ويندو آهي جن مان هڪ اها به آهي ته ڇوڪرو پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي مڱينديءَ جي هٿ ۾منڊي پارائيندو آهي۔ (تربيت اولاد،ص۳۷) مرد کي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جي وارن کان سواءِ ميندي لڳائڻ ناجائز آهي، پر ڪافي گهوٽ پنهنجن هٿن کان علاوه پيرن تي به ميندي هڻندا آهن۔ (تربيت اولاد،ص۳۷) بينڊ باجي وارا گهرايا ويندا آهن، جيڪي ڄڃ جي اچڻ وقت پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن ۽ ساز و آلات وڄائڻ جو گناھ کٽڻ سان گڏوگڏ ستل مسلمانن ۽ مريضن کي تڪليف پهچائيندا آهن۔ (تربيت اولاد،ص38)

جيڪڏهن اهو هجي ته خاندان وارا پاڻ ۾ ملن، پردي جي رعايت هجي ۽ ڪا خلافِ شرع ڳالھ نه ٿئي ته مڱڻيء ۾ حرج ناهي۔

کير پيئارڻ جي رسم

ڪڏهن وري رخصتي جي وقت کير پيئارڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ گهوٽ کي نامحرم عورتن جي جهرمٽ ۾ گهرايو ويندو آهي۔ ان جا دوست ان کي اهڙي موقعي تي اڪيلو ناهن ڇڏيندا ۽ ان سان گڏ هليا ايندا آهن پوءِ ڪا نامحرم نوجوان ڇوڪريءَ پنهنجي سهيلين جي جُهرمٽ ۾ گهوٽ کي کير جو گلاس پيش ڪندي آهي ۽ پوءِ شور شرابو ڪندا آهن ۽ گهوٽ جا دوست نامحرم عورتن سان مذاق مسخري ڪندا آهن ۽ پوءِ آخر ۾ گهوٽ کان کير پيئارڻ جي معاوضي جو مطالبو ڪيو ويندو آهي، جيڪو عام طور تي ان جي حيثيت کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي، اهڙي موقعي تي بي پردگي کان سواءِ به ڪافي ڏکوئيندڙ منظر ڏسڻ ۾ ايندا آهن۔     (تربيتِ اولاد، ص۳۸)

شادين ۾ آتش بازي

نچڻ باجا وڄائڻ آتش بازي حرام آهي، ڪير انهن جي حرام هئڻ کان واقف ناهي پر ڪيترائي ماڻهو انهن ڪمن جو ايترو ته اهتمام ڪندا آهن جو اهي ڪم نه هجن ته ڄڻ شادي ئي نه ٿي بلڪ ڪي ته ايترا بي باڪ هوندا آهن جو جيڪڏهن اهي حرام ڪم نه ٿين