Share this link via
Personality Websites!
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! صفر المظفر جو مبارڪ مهينو اسان جي وچ ۾ پنهنجون برڪتون لُٽائي رهيو آهي۔ 17صفر المظفر ۱۳۹۸ھ اُمِّ عطار يعني اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي والده ماجده رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيها جو ڏينهن آهي ته اچو! انهيء مناسبت سان اُمِّ عطاررَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيهاجو مختصر تعارف ٻڌون ٿيون:
اُمِّ عطار رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيها جو مبارڪ ذڪر
اميرِاَهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي والده ماجده رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيها هڪ نيڪ ۽ پرهيزگار خاتون هئي۔ جن مڙس جي وفات جي باوجود سخت ترين معاشي آزمائشن ۾ به پنهنجن ٻارن جي اسلامي طريقي جي مطابق تربيت ڪئي، جنهن جو واضح ثُبوت خود اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي بابرڪت ذات آهي۔ اميراهلسنت هڪ ڀيري ٻڌايو ته اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ والده محترمه جو شروع کان ئي فرضن ۽ واجبن تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جو ايتري قدر ذهن هو جو ننڍي عمر کان ئي اسان ڀيڻ ڀائرن کي نمازن جي تلقين فرمائڻ سان گڏ سختي سان عمل به ڪرائينديون هيون، خاص ڪري فجر نماز جي لاءِ اسان سڀني کي لازمي جاڳائينديون هيون۔ والده ماجده جي اهڙي طرح تلقين ۽ تَربِيت جي بَرَڪت سان مون کي ياد نٿو پوي ته منهنجي ننڍپڻ ۾ به ڪڏهن فجر نماز رهجي وئي هجي۔
شيخِ طريقت،اميرِاَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا ته والده محترمه جو شبِ جُمُعه (جمعي جي رات) جو ميٺادر(باب المدينه ڪراچي) جي علائقي ۾ اِنتقال ٿيو۔ موت جي وَقت مون کي وڌيڪ ياد ڪري رهي هئي، ڀيڻ ٻڌايو: اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڪلمو شريف ۽ اِسْتِغفار پڙھڻ کان پوءِ زبان بند ٿي۔ خاص ڪري غُسل ڏيڻ کان پوءِ چهرو نهايت ئي رَوشن ٿي ويو هو۔ جنهن زمين جي ٽڪر تي رُوح قَبض ٿيو، ان مان ڪيئي ڏينهن تائين خوشبو پئي آئي ۽ خُصوصاً رات جي ان حصي ۾ جنهن ۾ اِنتِقال ٿيو هو، ان ۾مختلف قسم جي خوشبوئن جي مهڪ ايندي هئي۔ ٽيجهي واري ڏينهن صبح جي وَقت ڪجھ گُلاب جا گل وٺي رکيا هئا جيڪي شام تائين تقريباً تروتازه رهيا جيڪي مون پنهنجي هٿ سان والده جي قبر تي چڙھايا۔ يقين مڃو ان ۾ اهڙي عجيب مهڪندڙ خوشبو هئي جو مان حيران رهجي ويس، ڪڏهن گلاب جي گلن مان مون اهڙي خوشبو نه سُونگھي هئي نه هينئر تائين سونگھي آهي بلڪ ڪلاڪن تائين اها خُوشبو منهنجي هٿن مان به ايندي رهي۔ (تذڪرهٔ امير ِاهلسنت (قسط2)، ص۴۱ ملتقطاً)
عرسِ پاک آگیا اُمِّ عطار کا مولا روضہ دِکھا اُمِّ عطار کا
ان سے عطار کی ہم کو نعمت ملی حق ہو کیسے ادا اُمِّ عطار کا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! 20 صفرالمظفر جو حضرت سَيدُنا داتا علي هجويري رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جو به عرسِ پاڪ آهي۔اچو! انهيء مناسبت سان داتا گنج بخش جو مختصر تعارف ٻڌون ٿيون:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami