Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar
حُضُور سيد داتا گَنج بَخش علي هجويريرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جي وِلادَتِ با سَعادَت ڪم وبيش 400 ھ ۾ غَزني شهر ۾ ٿي۔ ڪجھ عَرصي کان بعد سندن خاندان مَحَله هجوير اچي ويو، انهيءَ نِسبَت سان پاڻ هجويري سڏرائن ٿا. (اردودائرة المعارف ،۹/۹۱ ملخصاً) سندن نالو ”عَلي“ والِد جو نالو ”عُثمان“ آهي۔ ۽ کين سِلسِله نَسَب ڇهين واسِطي کان سَيدُ الشُّهدا، راڪبِ دوشِ مُصطَفٰي، حضرتِ سَيدُنا امامِ حَسَنِ مُجتَبيٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه سان وڃي ملي ٿو۔ (بزرگانِ لاهور،ص۲۲۲ملتقطاً) ۽ سندن ڪنيت ”اَبُوالحَسَن“ آهي۔ (اردو دائرة المعارف، ۹/۹۱) جڏهن ته مَشهور ۽ مَعرُوف لَقَب”گَنج بَخش“ ۽ داتا صاحب آهي۔ حضرت سَيدُنا داتا علي هجويري رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه تمام وڏا عالمِ دين،شيخِ طريقت ، عبادت گذار ۽ متقي بزرگ هئا، سندن ڪتاب ڪشفُ المَحجُوب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي۔ سندن وصالِ پُرملال 20 صفرالمظفر ۴۶۵ ھ جو مرڪزُالاوليا لاهور (پاڪستان) جي سر زمين تي ٿيو ۽ اتي ئي سندن مزار واقع آهي جيڪا دعائن جي قبوليت جو مقام آهي۔ داتا صاحب جي سيرتِ مبارڪه جي حوالي سان وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو رسالو ”فيضانِ داتا علي هجويري“ جو مُطالَعو ڪريو۔
ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!آئنده هفتيوار اِجتماع جو بيان اعليٰ حضرت،امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خانرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جي تصوف جي واقعن تي مشتمل هوندو، سڀ کان پهريان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جي بيعت ۽ خلافت جو هڪ دلچسپ واقعو، اعلي حضرت جو مختصر تعارف ۽ سندن سيرت جون ڪجھ جھلڪيون بيان ٿينديون، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه کي نمازِ باجماعت سان ڪيتري محبت هئي ۽ توڪل ۽ قناعت ۾ پاڻ ڪيتري قدر بلند مقام تي پهتل هئا، هن بابت سندن سيرت جا ڪجھ واقعا به اسان ٻڌنديون سين، خلافِ شرع ڪمن کي طريقت جو نالو ڏيندڙن جي باري ۾ عالم سڳورن جيڪي ارشاد بيان فرمايا آهن انهن کي به بيان ڪيو ويندو۔ تنهنڪري! آئنده اربع به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو،
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو!شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائيدَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي غفلت مان عقيقي جون ڪجھ سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿيون۔ فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: ”ٻار پنهنجي عقيقي جي عيوض گروي آهي، ستين ڏينهن ان جي طرفان جانور ذبح ڪيو وڃي، نالو رکيو وڃي ۽ ان جو مٿو ڪوڙيو وڃي۔“ (تِرمِذي ج۳ ص۱۷۷ حديث۱۵۲۷) ٭ ”گروي“ ٿيڻ جو مطلب هي آهي ته ان مان پورو نفعو حاصل نه ٿيندو جيسيتائين عقيقو نه ڪيو وڃي ۽ ڪجهه (مُحَدِّثن) چيو ته ٻار جي سلامتي ۽ ان جي نَشوونُما (پرورش) ۽ ان ۾ چڱيون