Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

برباد ڪرڻ جو ذريعو ۽ قيمتي جانن جي ضائع ٿيڻ، ڪيترن مسلمانن کي تڪليف ۾ وجھڻ جو سبب آهي۔ جيئن ته

بَسَنت ميلو ۽ پتنگ بازي جون آفتون

شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا جنهن جو خلاصو آهي ته: ٭ بَسَنت ميلو هڪ گستاخِ رسول جي يادگار آهي، ٭ بَسَنت ميلي ۾ پتنگ بازي جا مقابلا ٿيندا ۽ فحش ڪلام هلايا ويندا آهن ٭ بَسَنت ميلو بي حيائي جو مجموعو آهي، ٭ بَسَنت ميلي ۾ هر سال بيشمار ماڻهو ۽ ٻار ڇتن تان ڪرڻ، پتنگ جي ڏور ڦاسڻ، بجلي جي تارن جي ڪرڻ يا مقابلي بازي دوران پاڻ ۾ جھيڙي جھٽي ۾ موت جي وادي ۾ هليا ويندا آهن ٭ بَسَنت ميلي جي سبب هر سال ڪيئي ماڻهو سڄي زندگي جي لاءِ معذور ٿي ويندا آهن، ٭ بَسَنت ميلي ۾ هر سال ڪروڙين روپيا برباد ڪيا ويندا آهن، ٭ بَسَنت ميلي ۾ هرسال ڪيئي ماڻهو پنهنجي جانين کان هليا ويندا آهن، الغرض بَسَنت ميلو بي شمار خرابين جو مجموعو آهي۔ الله ڪريم تمام مسلمانن کي بَسَنت ميلي جھڙي فضول ۽ بيهوده ڏهاڙن کان پري رهڻ ۽ ٻين کي به ان کان بچائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ (مدني مذاڪره قسط۹:يقينِ ڪامل ڪي برڪتيں،ص ۲۶-۲۵ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اسان جي معاشري ۾ مڱڻي ۽ شادي جي موقعي تي مختلف رسمون ادا ڪرڻ جو تمام گهڻو رواج آهي، ۽ وري هر علائقي، هر قوم ۽ هر خاندان جون پنهنجون پنهنجون خاص رسمون هونديون آهن۔ جيئن ته اهي رسمون فقط عُرف جي بنياد تي ادا ڪيون وينديون آهن ۽ ڪوبه ان کي فرض ۽ واجب تصوّر ناهي ڪندو ان ڪري جيستائين ڪنهن به رسم ۾ ڪابه شرعي قباحت نه هجي تيستائين ان کي حرام ۽ ناجائز نه ٿو چئي سگهجي۔ جيئن ته صدرُ الشَّريعه، بدرُ الطَّريقه حضرت علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: جنهن جو خلاصو هي آهي: ٭ اهي رسمون جن جي ادائيگي جي سبب شريعت جي خلاف ورزي نه ڪرڻي پوي ته اهڙين رسمن جي پابندي ڪرڻ ۾ شرعاً ڪو حرج ناهي، ٭ ڇوڪريءَ جوان ٿي وڃي ته ان جي جلد کان جلد شادي ڪرڻ ضروري آهي آهي ته جيئن فتني جو دروازو بند ٿي سگهي ٭ افسوس! معاشري کي رسمن ۽ رواج ايتري قدر قابو ۾ ورتو آهي جو بعض خاندانن ۾ شادي وهانءُ جي موقعن تي ناجائز رسمون ادا ڪرڻ نهايت ضروري سمجھيو ويندو آهي، پر انهن رسمن جي ادائيگي جي لاءِ انهن وٽ پيسو ناهي هوندو، تنهنڪري انهيء سبب کان اولاد جي شادين ۾ تمام گھڻي دير ڪندا آهن، ٭ ڪجهه ماڻهن کي شادي جي رسمن