Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar
کي ادا ڪرڻ جو جنون ايتري قدر سوار هوندو آهي جو انهن رسمن جي ادائيگي جي لاءِ مَعَاذَ الله عَزَّ وَجَلَّ وياج جي لعنت کي ڳلي لڳائيندا آهن۔ (بهار شريعت، ۳/ ۱۰۴ملخّصاً)
ڪي ماڻهو شادي وهانء جي ناجائز رسمن کي پورو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ وياج تي قرض کڻندا آهن، ٭ جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته زال مڙس ۾ لڙائي جھيڙو روز جو معمول بڻجي ويندو آهي، ٭ گھر هئو ته اهو گھٽ پيسن ۾ وڪڻڻو پئجي ويندو آهي، ٭ ٻن خاندانن جي وچ ۾ نفرتن جي ديوار بيهي رهندي آهي ۽ ڏسندي ڏسندي خاندان جا خاندان اُجڙي ويندا آهن، ٭ هن ۾ هرگز ڪو شڪ ناهي ته شادي وهانء هڪ خوشي جو موقعو هوندو آهي، ٭ پر ڪي ماڻهو خوشي کي آڙ ٺاهي شادي وهانءُ ۾ مَعَاذَ الله ڪيئي ناجائز ۽ حرام ڪم ڪندا ۽ غير شرعي رسمون ڪري الله پاڪ جي غضب کي اُڀارڻ وارا ڪم ڪندا آهن ، ٭ ياد رکو! خوشي جي موقعي تي الله پاڪ جي نافرماني ڪرڻ هرگز عقلمندن جو طريقو ناهي۔ (بهارِ شريعت ،۲/۱۰۶ملخصاً)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!عام طور ڪيئي گهرن ۾ هي رواج هوندو آهي ته شاديءَ جي ڏينهن ۾ مٽ مائٽ ۽ پاڙي جون عورتون گڏ ٿي ڪري دُهل وڄائينديون آهن ۽ گيت ڳائينديون آهن، اهو حرام آهي جو پهريان ته دهل وڄائڻ ئي حرام، وري عورتن جو ڳائڻ، وڌيڪ اهو ته ان ۾ عورت جو آواز نامحرمن تائين پهچڻ ۽ اهو به ڳائڻ جو، جيڪي عورتون پنهجي گهرن ۾ ڳالهائيندي وقت گهرن کان ٻاهر آواز وڃڻ کي برو سمجهنديون آهن، اهڙن موقعن تي اهي به شريڪ ٿي وينديون آهن، ڄڻ انهن وٽ ڳائڻ ڪو عيب ئي ناهي۔ ڪيترو به پري تائين آواز وڃي ڪوبه حرج ناهي ۽ پڻ اهڙن گانن ۾ جوان ڪنواريون ڇوڪريون به شريڪ ٿينديون آهن۔ اهڙا شعر پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ ڪيتريقدر انهن جي دٻيل جوش کي اڀاريندا هوندا ۽ اخلاق ۽ عادتن تي ان جو ڪيترو اثر پوندو هوندو؟ اهي ڳالهيون اهڙيون ناهن جن جي سمجهائڻ جي ضرورت هجي يا ثبوت پيش ڪرڻ جي حاجت هجي. (ماخوذ از بهار شريعت، ۳/ ۱۰۵ملخّصاً)
مينديءَ جي رسم جيڪڏهن هن ڳالھ جو نالو آهي ته ڪنوار کي خاندان جون عورتون گڏجي لڳائن ته اهو جائز آهي۔ شريعت جي دائري ۾ رهي ڪري جيڪڏهن اها رسم ادا ڪئي وڃي ۽ ان جي علاوه به ڪا خرابي نه هجي ته ڪو حرج ناهي بلڪ نيڪ نيت سان هجي ته ثواب جو ڪم آهي۔ پر اسان وٽ عام طور تي جائز مينديءَ جي رسم جي صورت گھٽ ئي ٿيندي آهي۔ اسان وٽ جنهن کي مينديء چوندا آهن، اها ان رسم جو نالو آهي جو جنهن ۾ نوجوان ڇوڪريون سهڻا لباس پائي، هار سينگار ڪري، بي پرده ٿي بازارن ۽ گهٽين