Share this link via
Personality Websites!
خوبيون ٿيڻ عقيقي سان وابسته آهن۔ (بهارِ شريعت،۳/۳۵۴) ٭ ٻار پيدا ٿيڻ جي شڪراني ۾ جيڪو جانور ذبح ڪيو وڃي ٿو ان کي عقيقو چئبو آهي۔ (بهارِ شريعت،۳/۳۵۵) ٭ پٽ جي عقيقي ۾ ٻه ٻڪر ۽ نياڻيءَ جي عقيقي ۾ هڪ ٻڪري ذبح ڪئي وڃي يعني پٽ جي عقيقي ۾ نر جانور ۽ نياڻيءَ جي عقيقي ۾ مادي مناسب آهي۔ (بهار شريعت،۳/ ۳۵۷) ٭ قرباني جي اُٺ وغيره ۾ عقيقي جي شرڪت ٿي سگھي ٿي۔ ٭ عقيقو فرض يا واجب ناهي صرف مُستَحب سنّت آهي۔
(جيڪڏهن گنجائش هجي ته ضرور ڪرڻ گھرجي، نه ڪري ته گناهه ناهي، البت عقيقي جي ثواب کان محرومي آهي) غريب ماڻهو کي هرگز اِهو جائز ناهي ته وياج تي پئسا کڻي عقيقو ڪري۔ (اسلامي زندگي، ص ۲۷) ٭ ٻار جيڪڏهن ستين ڏينهن کان پهريان ئي مري ويو ته اُن جو عقيقو نه ڪرڻ سان ان جي شفاعت وغيره تي ڪو به اثر نه پوندو ڇوته هو عقيقي جو وقت اچڻ کان پهرين ئي گذاري ويو۔ ها جنهن ٻار عقيقي جو وقت پاتو يعني ست ڏينهن جو ٿيو ۽ بنا عذر شرعي، طاقت هجڻ جي باوجود اُن جو عقيقو نه ڪيو، ته اُن جي لاءِ اِهو آيو آهي ته اُهو پنهنجي ماءُ پيءُ جي شفاعت نه ڪري سگھندو۔ (فتاويٰ رضويه،۲۰/۵۹۶) ٭ عقيقو ولادت جي ستين ڏينهن سنت آهي، ۽ اِهو ئي افضل آهي، نه ته چوڏهين، يا ايڪيهين ڏينهن تي۔ (فتاويٰ رضويه،۲۰ /۵۸۶) ٭ عقيقي جي جانور ۾ اُهي ئي شرط آهن جيڪي قرباني جي جانور جي لاءِ هوندا آهن. ان جو گوشت فقيرن ۽ عزيزن، مٽن مائٽن ۽ دوستن احبابن ۾ ڪچو ورهايو وڃي يا پچائي ڏنو وڃي يا انهن کي مهماني طور کارايو وڃي اِهي سڀئي صورتون جائز آهن۔ (بهارِ شريعت،۳/۳۵۷) ٭جيڪڏهن ستين ڏينهن نه ڪري سگھو ته جڏهن چاهي ڪري سگھجي ٿو، سنّت ادا ٿي ويندي۔ (بهارِ شريعت،۳/۳۵۶)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami