Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar
فاتحه نه ڏني ۽ اڇا چڻا پچائي نه ورهايا ته گھر جي ڪمائڻ وارن ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيندو، اهي اجايا خيال آهن۔
عربن ۾ صفر جي مهيني کي منحوس سمجھيو ويندو هو
جاهليّت واري دؤر (يعني اسلام کان پهريان) به صفر المظفر جي باري ۾ ماڻهو اهڙي قسم جا وهمي خيال رکندا هئا ته هن مهيني ۾ مصيبتون ۽ آفتون گهڻيون ٿيندون آهن، اهڙي طرح اهي ماڻهو صفر جي مهيني اچڻ کي منحوس سمجھندا هئا۔ (عمدۃ القاري،۷/۱۱۰مفهوماً)
اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضاخان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه کان سوال ٿيو: ڇا مُحرم ۽ صفر ۾ نڪاح ڪرڻ منع آهي؟ ارشاد فرمايائون: نڪاح ڪنهن مهيني ۾ منع ناهي، اهو غلط مشهور آهي۔ (ملفوظات اعليٰ حضرت،ص۹۵)
حضرت علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: صفر جي مهيني کي ماڻهو منحوس سمجهندا آهن ان ۾ شادي وهانءُ ناهن ڪندا، ڇوڪرين کي ناهن اٿاريندا، اهڙن قسمن جي ٻين ڪمن کان به پرهيز ڪندا آهن ۽ سفر ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن، خاص ڪري صفر جون ابتدائي تيرهن تاريخون تمام گھڻيون منحوس سمجهيون وينديون آهن ۽ انهن کي تيره تيزي چوندا آهن، اهي سڀ جهالت جون ڳالهيون آهن۔ حديث ۾ ارشاد ٿيو ته؛ ”صفر ڪا شيء ناهي“ (بخاري،ڪتاب الطب،باب لاھامۃ، حديث: ۵۷۵۷، ۴/ ۳۶) يعني ماڻهن جو ان کي منحوس سمجھڻ غلط آهي۔ اهڙي طرح ذيقعده جي مهيني کي به ڪجهه ماڻهو برو سمجھندا آهن ۽ ان کي خالي مهينو چوندا آهن اهو به غلط آهي ۽ هر مهيني ۾ 3، 13، 23، 8، 18، 28 (تاريخن) کي منحوس سمجهندا آهن، اها به لَغو (يعني بيڪار) ڳالهه آهي۔ (بهار ِشريعت ،۳/۶۵۹)
حڪيمُ الامّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسلام ۾ ڪو ڏينهن يا ڪا گھڙي منحوس ناهي، ها ڪجهه ڏينهن برڪت وارا آهن۔ (مراٰة المناجيح 5/484) تفسير رُوح البيان ۾ آهي؛ صفر وغيره ڪنهن مهيني يا مخصوص وقت کي منحوس سمجهڻ دُرست ناهي۔ سڀئي وقت الله پاڪ جا ٺاهيل آهن ۽ انهن ۾ انسانن جا عمل واقع ٿيندا آهن۔ جنهن وقت ۾ مؤمن ٻانهو الله پاڪ جي اطاعت ۽ بندگي ۾ مشغول هجي اهو وقت مبارڪ آهي ۽ جنهن وقت ۾ الله پاڪ جي نافرماني ڪري، اهو وقت ان لاءِ منحوس آهي، حقيقت ۾ اصل نحوست ته گناهن ۾ آهي۔ (تفسير روح البيان،۳/ ۴۲۸)
دن رات مسلسل ہے گناہوں کا تسلسل کچھ تم ہی کرو نا یہ نحوست نہیں جاتی
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معاشري جي ناجائز رسمن ۽ ڏهاڙن مان هڪ ”بَسَنت ميلو“ به آهي۔ اهو ڏهاڙو توڙي جو غير مسلمن جو ايجاد ڪيل آهي پر ديني عِلم کان دوري جي سبب مسلمانن ۾ به هاڻي هن ڏهاڙي کي ملهائڻ جو رواج زور پڪڙيندو پيو وڃي۔ ياد رکو! بَسَنت ميلو کوڙ بُرائين ۽ بي حيائي جو مجموعو، وقت جو ضياع، پيسو