Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ جي بيان ۾ اسان ”معاشري جي رسمن“ مان ڪجھ بُرين رسمن جي باري۾ٻڌنديون سين۔ مصر ۾هڪ غير اسلامي ۽ انسانيت کي تڪليف ڏيندڙ رسم وڏي عرصي کان جاري هئي، اها رسم ڪهڙي هئي ۽ ان جو خاتمو ڪيئن ٿيو؟ صفر جي مهيني بابت به کوڙ غلط ڳالهيون ۽ رسمون ماڻهن ۾ عام آهن، انهن جي باري ۾ علماءِ دِين جا ارشاد به ٻڌنديون سين، شادي وهانءُ جي موقعي تي غير شرعي رسمن جي نشاندهي ڪئي ويندي، حضور داتا گنج بخش  رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  ۽ اُمِّ عطار رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡها جو مختصر تعارف به پيش ڪيو ويندو۔ الله ڪري ته اسان سڄو بيان ڌيان سان ٻڌڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

فاروقِ اعظم بيٺل پاڻي کي جاري ڪري ڇڏيو

اَمِيرِاهلسنت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادِري رضويدَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي رسالي ”ڪراماتِ فاروقِ اعظم“ ۾ هڪ حڪايت نقل فرمائن ٿا: جڏهن مِصر فتح ٿيو ته هڪ ڏينهن مِصر وارن حضرت سيِّدُنا عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کي عرض ڪيو؛ اي امير! اسان جي درياءِ نيل جي هڪ رسم آهي جيستائين ان رسم کي ادا نه ڪيو وڃي درياء ناهي وهندو۔ حضرت سيِّدُنا عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ پڇا ڪيائين؛ ڪهڙي رسم؟ چيائون؛ اسان هڪ ڪنواري ڇوڪريء کي ان جي والدين کان وٺي سهڻي لباس ۽ قيمتي زيورن سان سينگاري درياءِ نيل ۾ وجهدا آهيون۔ حضرت سيِّدُنا عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمايو؛ اسلام ۾ هرگز ائين نٿو ٿي سگھي  ۽ اسلام  پراڻي بيهودا رسمن کي ختم ڪندو آهي۔ پوءِ جڏهن اها رسم روڪي وئي ته درياء جي وهڪري ۾ گھٽتائي ٿيندي وئي، ايستائين جو ماڻهن اتان وڃڻ جو ارادو ڪيو۔ اهو ڏسي حضرت سيِّدُنا عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ اَميرُالمُؤمِنِين، خليفهءِ ثاني، حضرت سيِّدُنا عمر بن خطاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي خدمت ۾ سڄو احوال لکي موڪليو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جواب ۾ لکيو؛ توهان ٺيڪ ڪيو، بيشڪ اسلام اهڙين رسمن کي ختم ڪندو آهي۔ منهنجي هن خط ۾ هڪ چٺي آهي، ان کي درياءِ نيل ۾ وجهي ڇڏجو۔ حضرت سيِّدُنا عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ وٽ جڏهن اَميرُالمُؤمِنِين جو خط پهتو ته انهن اها چٺي انهيءَ خط مان ڪڍي ته ان ۾ لکيل هو؛ (اي درياءِ نيل!) جيڪڏهن تون پاڻ وهندو آهين ته نه وَهُه ۽ جيڪڏهن توکي الله تعاليٰ جاري فرمائيندو آهي ته مان الله پاڪ کي عرض ڪيان ٿو ته تو کي جاري فرمائي۔“ حضرت سيِّدُنا عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ اها چٺي درياءِ نيل ۾ وڌي ته هڪ رات ۾ سورهن(16) گز پاڻي وڌي ويو ۽ اها رسم مصر مان بالڪل ختم ٿي وئي۔

                         (ڪراماتِ فاروقِ اعظم،ص۱۵،ص۱۰،العظمه لامام اصبهاني، ص۳۱۸ ،رقم: ۹۴۰، ملخصاً)

چاہیں تو اِشاروں سے اپنے، کایا ہی پلَٹ دیں دُنیا کی