Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

Book Name:Moashary Ki Ghalat Rasmein Aur Tehwar

پنهنجي اعمال نامي جي سياهي ۾ اضافو ڪندا آهن بلڪ مسلم مُعاشري جي پاڪيزگي کي به ان بي هودگين سان ناپاڪ ۽ آلُودهه ڪندا آهن۔ بد نگاهي، بي پردگي، فحاشي ۽ عُرياني، اجنبي ڇوڪري ۽ ڇوڪرين جو ميل ملاپ، کل ڀوڳ، ان ناجائز تعلُّق کي مضبوط رکڻ جي لاءِ تحفن جو ڏي وٺ ۽ اڳتي بدڪاري تائين جي نوبت هي سڀ اهي ڳالهيون آهن جيڪي ان گناهن واري ڏينهن زور ۽ شور سان جاري رهنديون آهن، ۽ انهن سڀني شيطاني ڪمن جي ناجائز ۽ حرام هئڻ ۾ ڪنهن مسلمان کي ٿورو به شبو نٿو ٿي سگھي ڇوته قرآنِ ڪريم جي روشن آيتن ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي واضح ارشادن سان هنن ڪمن جو حرام هجڻ ثابت آهي. ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان ان طرح جي سمورين برائين کان بچون ۽ الله ڪريم کي راضي ڪرڻ وارن ڪمن ۾ لڳي وڃون۔ ربِّ ڪريم اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صدقہ مجھے سرکار نواسوں کا عطا ہو         اغیار کے ٹکڑوں سے شہنشاہ بچالو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مَجلِس مڪتبة المدينه

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ ڪم و بيش 104 شُعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ ۾ مَصرُوف آهي، جن مان هڪ شعبو ”مَجلِس مڪتبة المدينه“ به آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ مڪتبة المدينه تان جتي سُنّتن ڀريا بَيان ۽ ميموري ڪارڊ سڄي دُنيا ۾ پهچي رهيا آهن، اتي سَرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه ،اَميرِاَهلسُنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه ۽ اَلمَدِينَة العِلمِية جا ڪتاب به لکن جي تعداد ۾ عوام جي هٿن ۾ پهچي سُنَّتن جا مدني گل مهڪائي رهيا آهن۔ مڪتبة المدينه جا هينئر تائين ڪم وبيش45 ذيلي شعبا قائم ٿي چڪا آهن۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                             اے دعوتِ اسلامی تِری دُھوم مچی ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان معاشري جي غلط رَسمن ۽ ڏهاڙن جي تباھ ڪارين جي باري ۾ ٻڌي رهيا آهيون۔ عام طور بعض نادان خوشي ۽ غمي جي موقعي تي غير شرعي رسمون ڪرڻ ۽ غير مسلمن جي ڏهاڙن ملهائڻ جا حد کان وڌيڪ شوقين هوندا آهن۔ دنيا هيڏانهن کان هوڏانهن ٿي وڃي، آنڌي، طوفان، سيلاب يا زلزلا اچن، قانون حرڪت ۾ اچي وڃي پوءِ به اهي انهن ناجائزرسمن کي ادا ڪرڻ ۽ غير مسلمن جي تهوارن(ڏهاڙن) کي ملهائڻ جي بُري ارادي کان هڪ انچ به پوئتي هٽڻ جي لاءِ تيار ناهن ٿيندا، بالفرض ڪو انهن جي اصلاح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ انهن کي هنن خرابين جا ديني ۽ دنياوي نقصان ٻڌائي ته جواب ملندو آهي ته اهي اسان جون خانداني رسمون آهن ۽