Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

حسن بھی حسین بھی  ٭٭٭٭٭ جنّتی  جنّتی     ہر صحابیِ نبی  ٭٭٭٭٭ جنّتی جنّتی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اهلِ بيت جي محبت جي اهميت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان سان بُغض رکڻ وارا حديث مطابق، الله  پاڪ، ان جي ملائڪن ۽ سڀني ماڻهن جي لَعنت جا حَقدار آهن۔ ان ڪري اسان کي صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان سان هميشه پيار ۽ ادب جو تعلق رکڻ گھرجي، الله  پاڪ اسان کي صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي محبت ۾ هميشه گم رکي، انهن جي محبت جو چراغ اسان جي دلين ۾ سدا روشن رهي ۽ اسان اهو روشن چراغ کڻي قبر ۾ وڃون ۽ ان جي برڪت سان اسان جي قبر جي اونداھي پري ٿي وڃي۔ ياد رکو! صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان سان گڏوگڏ اهلِ بيت عظام سان محبت ۽ عقيدت رکڻ پڻ ضروري آهي۔ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان سان محبت هجي ۽ دل مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ اهلِ بيت عظام جي بغض سان ڀريل هجي، يا اهلِ بيت جي محبت ته دل ۾ هجي گڏوگڏ صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان سان مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ بغض رکي ائين هرگز نه ٿيڻ گھرجي۔ مومن ٻانهي جي لاءِ لازمي (Necessary) آهي ته صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان سان به محبت رکي ۽ گڏوگڏ اهلِ بيت عظام جو به خادم هجي۔ صحابه ڪرام اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا وفادار ساٿي آهن ته اهلِ بيتِ عظام پاڻ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جو اولاد آهن۔ سندن لختِ جگر، خاتونِ جنت حضرت بي بي فاطمه زهرا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْها جو اولاد آهن۔ حبيبِ خدا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان پنهنجي سچي محبت جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ اسان کي به پنهنجي دل ۾ اهلِ بيت جي محبت رکڻ گھرجي۔ ٭  ”سيّدن جي محبت“ ڪامل ايمان جي نشاني آهي، ٭  ”سيّدن جي محبت“ جنت ۾ وڃڻ جو سبب آهي، ٭  ”سيّدن جي محبت“  جهنم کان بچائيندي، ٭  ”سيّدن جي محبت“ عشقِ رسول جي تقاضا آهي، ٭