Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں   اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہے

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا    جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا

چڱي صحبت بابت مدني گل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! چڱي صحبت جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان 2 فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: اَلْمَرْءُ مَعَ مَنْ اَحَبَّ يعني انسان ان سان گڏ هوندو جنهن سان هو محبت ڪري۔ (مسلم، ڪتاب البر۔۔۔الخ، باب المرء مع من احب،ص ۱۰۸۸، حديث: ۶۷۱۸) (2) فرمايائون: اَلْمَرْءُ عَليٰ دِينِ خَلِيلِه فَلْينْظُرْ اَحَدُکمْ مَنْ يُّخَالِلُ يعني انسان پنهنجي دوست جي دين ۽ ان جي طور طريقي تي هوندو آهي، لهٰذا ضروري آهي ته هو ڏسي ته ڪنهن سان دوستي رکي رهيو آهي۔ (مسند لامام احمد بن حنبل، مسند ابي هريرة،۳/۲۳۳، حديث: ۸۴۲۵) ٭  چڱي بُري ساٿي جو مثال مُشڪ کڻڻ ۽ بٺي ٻارڻ واري جيان آهي، مشڪ کڻڻ وارو يا ته توکي اهڙو ئي ڏيندو يا ته تون ان کان ڪجھ خريد ڪندين ۽ يا ان کان سٺي خوشبو ملندي ۽ بٺي ٻارڻ وارو يا تنهنجا ڪپڙا ساڙي ڇڏيندو يا توکي ان کان بدبو ملندي۔ (مسلم، ڪتاب البروالصلة، باب استحباب مجالسة...الخ، ص ۱۰۸۴،حديث: ۶۶۹۲) ٭  حديث شريف ۾ فرمايو ويو: وڏن جي صحبت ۾ ويهندا ڪريو ۽ عالمن سان ڳالهيون پڇا ڪريو ۽ حڪيمن کان ميل جول رکو۔ (المعجم الڪبير، ۲۲/۱۲۵،