Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

عثمانِ غنی ٭٭٭٭٭ جنّتی جنّتی     فاطمہ اور علی ٭٭٭٭٭ جنّتی جنّتی

حسن بھی حسین بھی  ٭٭٭٭٭ جنّتی  جنّتی    ہر صحابیِ نبی  ٭٭٭٭٭ جنّتی جنّتی

 (3) صحابه ڪرام ۽ اهلِ بيت مصطفيٰ سان محبت ڪرڻ وارن جي لاءِ الله  جي نبي، مڪي مدني رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مغفرت جي دعا ڪئي، اسان کي گھرجي ته اسان به اهلِ بيتِ اطهار ۽ صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان سان عقيدت ۽ محبت رکون، انهن جي شان ۽ عظمت جا ترانا پڙهندا رهون، انهن جي بي ادبي کان بچندا رهون ۽ انهن جي تعظيم ۽ احترام ڪندا رهون۔ اي ڪاش!دعاءِ مُصطَفٰي مان اسان کي به حصو نصيب ٿي وڃي ۽ الله  پاڪ انهن سان محبت ڪرڻ جي برڪت سان اسان کي به مغفرت حاصل ڪيل ماڻهن ۾ شامل فرمائي۔

ہم کو اصحابِ نبی سے پیار ہے               اِنْ شَآءَ اللہ اپنا بیڑا پار ہے

ہم کو اہلبیت سے بھی پیار ہے               اِنْ شَآءَ اللہ اپنا بیڑا پار ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

صحابه ڪرام بي مثل آهن

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح ڪنهن مُسلمان جي وڏي مان وڏي نيڪي، صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي ننڍڙي نيڪي جي برابر نٿي ٿي سگھي، اهڙي طرح ڪو ڪيترو ئي وڏو ولي، غوث ۽ قُطُب بڻجي وڃي ۽ ان جي ذات مان کوڙ ڪرامتن جو ظهور پڻ ٿيندو رهي، پر پوءِ به هو ڪنهن صحابي جي مَقام کي نٿو پهچي سگھي۔ شَيخُ الحديث حضرت علامه مُفْتي عبدُالمصطفٰي اَعظَمي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: تمام اُمَّت جي عالمن ۽ اڪابِرن جو هن مَسئَلَي تي اِتفاق آهي ته صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم اَفضَلُ الاَولياء“ آهن يعني قِيامت تائين سڀ اَولياء چاهي اُهي وِلايت جي بُلند تَرين منزلن تي فائز ٿي وڃن، پر ہرگز ہرگز