Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

توفيق عطا فرمائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

مڪتبة المدينه کان حضراتِ حسنينِ ڪريمين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُما جي باري ۾ شيخِ طريقت، امير اهلسنت، باني دعوت اسلامي حضرت علامه مولانا محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا چار رسالا: امام حسين جون ڪرامتون (صفحا 64)، امام حسن جون 30 حڪايتون (28 صفحا)، ڪربلا جو خوني منظر(40 صفحا) ۽ حسيني دولها (16 صفحا) هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ مطالعو ڪيو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه  عَزَّوَجَلَّ تمام گهڻو علم دين حاصل ٿيندو.

مجلسِ رابطه بالعلماء

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اهل بيت عظام ۽ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي محبت سان پنهنجي دلين کي سرشار ڪرڻ جي لاءِ عاشقان اهل بيت ۽ عاشقان صحابه عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي صحبت اختيار ڪريو. ان جو هڪ بهترين زريعو عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي خدمتِ دين جي لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪريو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ خدمتِ دين جي 104 کان وڌيڪ شعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ مصروفِ عمل آهي۔ هنن شعبن مان هڪ شعبو ”مجلسِ رابطه بالعلما“ به آهي جنهن جو بنيادي مقصد عاشقانِ رسول جي علماء ڪرام مثال طور مسجدن جي امامن ۽ خطيبن ۽ وغيره کي دعوتِ اسلامي جي دِيني خدمتن کان آگاھ ڪرڻ، مدني ڪمن ۾ انهن جي مدد حاصل ڪرڻ، انهن جون دعائون وٺڻ ۽ سُنّي جامعات ۽ مدارس ۾ مدني ڪمن جي ترڪيب بنائڻ، هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۽ هفتيوار مدني مذاڪري، مختلف تربيتي اجتماعن ۾ سُنّي جامعات ۽ مدارس جي شاگردن کي شرڪت ڪرائڻ، انهن جي لاءِ مناسب خيرخواهي جو اِنتظام ڪرڻ آهي۔الله  تعاليٰ دعوتِ اسلامي ۽ مجلسِ رابطه بالعلما کي وڌيڪ ترقيون عطا فرمائي ۽ اسان کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول تي اِستقامت