Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭  نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭  ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭  ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭  ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭  صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭  بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ جي بيان ۾ صحابَه ڪرام ۽ اهل بيت عظام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي مقام ۽ مرتبي ۽ انهن جي شان ۽ عظمت ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ پهريان صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي شان بابت قرآنِ پاڪ جي آيت ۽ ڪجھ حديث سڳوريون بيان ڪيون وينديون۔ ان کان پوءِ اهلِ بيت ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي محبت جي اهميت ۽ ان جي متعلق حديث سڳوريون ٻڌنداسين۔ صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان نبي پاڪ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي آل ۽ اولاد سان ڪهڙي محبت ڪندا هئا، ان جا ڪجھ واقعا به بيان ڪيا ويندا۔ آخر ۾ شهزاده ڪونين، حضرت امام حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه جو تعارف به بيان ڪيو ويندو۔ الله  ڪري ته اسان سڄو بيان توجهه سان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔ ڪجهه اسلامي ڀائر دورانِ بيان تسبيح جي ذريعي ذِڪر و درود شريف وغيره پڙھندا رهن ٿا، ياد رکو! هي ان جو موقعو نه آهي، اسان جيئن ته علمِ دِين سکڻ جي نيت سان هتي گڏ ٿيا آهيون ته دورانِ بيان سڄو ڌيان بيان ڏانهن ئي هئڻ