Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

حملو ڪرڻ جي لاءِ ٻاهر نڪتو پر جڏهن ان رسولِ پاڪ، سرورِ ڪائنات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صحابه کي ڏٺو ته انهن جي قدمن کي چمڻ لڳو ۽ پنهنجو پڇ هِلائڻ لڳو ۽ پوءِ مٿي جي اشاري سان اندر اچڻ جو چيائين۔ چار ئي صحابَه ڪرام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهم اجمعين غار جي اندر ويا ۽ سُتل اصحابِ ڪهف کي هن طرح سلام ڪيائون: اَلسَّلَامُ عَلَيکم وَرَحْمَة الله وَبَرَکاتُه۔ الله  پاڪ پنهنجي ڪرم سان اصحابِ ڪهف کي بيدار فرمايو ۽ انهن به جواب ۾ سلام ڪيو۔ چئن ئي صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ سرڪار  مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سلام پهچايو۔ انهن سلام جو جواب ڏنو ۽ نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ايمان آندائون، دينِ اسلام کي قبول (Accept) ڪيائون ۽ عرض ڪيائون: ’’اسان جي طرفان پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ سلام پيش ڪجو۔“ پوءِ اهي پنهنجي پنهنجي جڳهن تي ٻيهر ليٽي پيا۔ اهي چار ئي صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان ٻيهر چادر تي ويٺا ۽ هوا انهن کي بارگاھ رسالت ۾ پهچائڻ جي لاءِ چادر کي کڻي نڪري پئي۔

هوڏانهن حضرت سيدُنا جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلَام سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ حاضر ٿي ويا ۽ انهن چئن ئي صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان سان جيڪو ڪجھ ٿيو سڀ بيان ڪري ڇڏيائون۔ ۽ جڏهن چار ئي صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيا ته انهن به پورو واقعو بيان ڪيو ۽ اصحابِ ڪهف جو سلام به پهچايو، اهو ٻڌي نور جا پيڪر، تمام نبين جا سَروَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ گھڻو خوش ٿيا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ دعا جي لاءِ هٿ کنيا ۽ بارگاھ الٰهي ۾ هن طرح دعا گھريائون: ”اي رب ڪريم! منهنجي، منهنجي رشتيدارن، منهنجن دوستن ۽ مون سان محبت ڪرڻ وارن جي وچ ۾ ڪڏهن به جدائي نه وجھجان ۽ جيڪو مون سان، منهنجي اهلِ بيت سان ۽ منهنجي صحابن سان محبت ڪري ٿو انهن سڀني جي بخشش فرماء۔

     (تفسير ثعلبي ،پ۱۵،الڪھف،تحت الآية:۱۶ ،۶/۱۵۶،ملتقطاً و ملخصاًوفيضان فاروق اعظم،۱/ ۳۰۴ ملخصاً)