Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ايندڙ هفته وار اِجتماع جي بيان جو موضوع ”سيرتِ مفتيِ دعوتِ اسلامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه آهي، جنهن ۾ اسان صحابَه ڪرام ۽ ٻين نيڪ ٻانهن جي نيڪين جي حرص جا ڪجھ واقعا ٻڌنداسين. ان سان گڏوگڏ اسان مفتي دعوت اسلامي مفتي محمد فاروق عطاري مدني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت ۽ ڪردار جون جهلڪيون سندن زندگي جي مختلف پهلوئن جيئن ته سندن نرمي، تقوي ۽ پرهيزگاري ۽ امير اهلسنت سان سندن محبت جي باري ۾ ٻڌنداسين، وقت بوقت مختلف مدني گل پڻ حاصل ڪنداسين، امير اهلسنت جا مفتي دعوت اسلامي بابت ڪهڙا جذبات آهن اهي به ٻڌنداسين، تنهنڪري آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ انفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

﴿1جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ

 بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن. ([1])

 



[1]افضل الصلوات علی سید السادات،   الصلاۃ السادسۃ والخمسون،   ص151ملخصًا