Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت کان به سعادت مند ٿيون ۽ سندن مبارڪن هٿن سان آبِ ڪوثر جا جام پڻ پيئون۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

یاالٰہی جب زبانیں باہَر آئیں پیاس سے

صاحبِ کوثر شہِ جُود و عَطا کا ساتھ ہو

حوضِ ڪوثر ڇا آهي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حوضِ ڪوثر ڇا آهي، هن جي باري ۾ صدر الشريعه ، بدرالطريقه مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه لکن ٿا: اهو حوض نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مليو، حق آهي۔ هن حوض جي مسافت هڪ مهيني جي راھ آهي، ان جي ڪنارن تي موتين جا قُبّا آهن، چار ئي پاسا برابر آهن، ان جي مٽي نهايت خوشبودار مشڪ جي آهي، ان جو پاڻي کير کان وڌيڪ سفيد، ماکي کان وڌيڪ مٺو ۽ مشڪ کان وڌيڪ پاڪيزه آهي ۽ ان تي (جيڪي) ٿانوَ (رکيل آهن اهي) تارن کان به ڳڻپ ۾ گھڻا آهن۔ جيڪو ان جو پاڻي پيندو ڪڏهن به اڃايل نه ٿيندو، ان ۾ جنت کان ٻه نيسارا (Channels) هر وقت ڪرندا آهن، هڪ سون جو، ٻيو چاندي جو آهي۔ (بهارشريعت ،۱/۱۴۵)

ٹھنڈا ٹھنڈا میٹھا میٹھا

پیتے ہم ہیں پلاتے یہ ہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني اِنعامات“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حوضِ ڪوثر جا جام پيئڻ، محبتِ اهلِ بيت وڌائڻ ۽ انهن جي سيرت طيبه تي عمل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿي ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ مشغول ٿيڻ به آهي۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني اِنعَامات“ جي مُطابِق روزانو فِڪرِ مدينه ڪندي هر مَدَني مهيني جي پهرين تاريخ