Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

”سيّدن جي محبت“ قبر ۽ آخرت ۾ ڪم ايندي، ٭  ”سيّدن جي محبت“ انهن جي نقشِ قدم جي هلڻ تي اڀاريندي آهي، ٭  ”سيّدن جي محبت“  الله  پاڪ ۽ ان جي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا ماڻڻ جو ذريعو آهي، ٭  ”سيّدن جي محبت“  سان الله  پاڪ ۽ رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَجي محبت نصيب ٿيندي آهي۔ مطلب ته ”سيّدن جي محبت“ دنيا ۽ آخرت جي بي شمار ڀلائين جو سرچشمو آهي۔ ايستائين جو ”سيّدن جي محبت“ شفاعتِ مُصطَفٰي حاصل ٿيڻ جو ذريعو به آهي جيئن ته مُصطَفٰي جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ شفاعت نشان آهي: جيڪو شخص وَسِيلو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهو چاهي ٿو ته منهنجي بارگاھ ۾ ان جي ڪا خدمت پيش ٿئي، جنهن سبب مان قيامت جي ڏينهن ان جي شفاعت ڪيان، ان کي گھرجي ته منهنجي اهلِ بيت جي خدمت ڪري ۽ اُنهن کي خُوش ڪري۔ (برکاتِ آل رسول، ص ۱۱۰)

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ڪيتري قدر خُوش قسمت آهي اهو مسلمان جيڪو الله  پاڪ جي پياري رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آلِ پاڪ جي خوشي جو سبب بڻجي ۽ انهيءَ سبب انهن جي نانا جان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت جو اميدوار بڻجي وڃي۔ ۽ بدنصيب آهي اهو شخص جيڪو اهلِ بيتِ پاڪ سان بغض رکي ۽ انهيءَ بغض ۽ دشمني ۾ زندگي گذاري ڇڏي۔ ياد رکو! جهڙي طرح اهلِ بيتِ پاڪ سان محبت ڪرڻ رسول الله  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪرڻ آهي ائين ئي اهلِ بيتِ پاڪ سان بغض ۽ دشمني رکڻ ڄڻ ته سرڪار عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام سان بغض ۽ دشمني آهي۔ اهي ماڻهو جيڪي اهلِ بيت پاڪ سان بغض رکن ٿا ۽ انهن جي شان ۾ نا مناسب لفظ ڳالهائن ٿا، اهڙن کي سوچڻ گھرجي ته سڀاڻي قيامت جي ڏينهن جڏهن شفيعِ امت، نبي رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کان منهن موڙي ڇڏيندا ته پوءِ اهي ڪيڏانهن ويندا۔حضورِاڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي اهلِ بيت سان بغض رکڻ  وارن جي لاءِ وعيدون ارشاد فرمايون آهن۔ اچو عبرت جي لاءِ