Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

3         وعيدون ٻڌون ٿا:

1       جيڪو اهلِ بيت سان مُحَارَبهَ (جنگ) ڪري مان ان جو مُحَارِب (جنگ ڪرڻ وارو) آهيان ۽ جيڪو انهن سان صلح ڪري، ان جي مون سان صلح آهي۔ (سنن الترمذي،ڪتاب المناقب،باب فضل فاطمة رضي اعنها، ۵/۴۶۵، حديث:۳۸۹۶)

2        خبردار! جيڪو شخص اهلِ بيت جي بغض ۽ عداوت تي مري ويو، اهو قيامت جي ڏينهن هن حال ۾ ايندو جو ان جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ لکيل هوندو۔ ”هي الله  پاڪ جي رحمت کان نااميد آهي۔“  (الشرف المؤبد،ص۷۹)

3        جيڪو شخص اهلِ بيت سان بُغض يا حسد ڪندو، ان کي قِيامت جي ڏينهن حوضِ ڪوثر تان باھ جي ڪوڙن سان پري ڪيو ويندو۔

(ڪنزالعمال، ڪتاب الفضائل ، الجزء الثاني عشر ،۶/۴۸،حديث:۳۴۱۹۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! اهلِ بيتِ ڪرام سان بغض ۽ دشمني ڪيتري هلاڪت خيز آهي ته جيڪو انهن سان جنگ ڪري ڄڻ ته هو آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان جنگ ڪرڻ وارو آهي ۽ اهڙو شخص جڏهن مرندو ته قيامت جي ڏينهن الله  پاڪ جي رحمت کان پري ڪيو ويندو اهڙي طرح سڀاڻي قيامت جي ڏينهن اهڙي شخص کي حوضِ ڪوثر تان باھ جا ڪوڙا هڻي پري ڪيو ويندو اهو حوضِ ڪوثر جنهن تان نيڪ ماڻهو سيراب ٿي رهيا هوندا ۽ نبيِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هٿن مبارڪن سان لبالب جام پي رهيا هوندا۔ اها ڪيڏي وڏي بدنصيبي آهي۔ الله  پاڪ اهلِ بيت جي محبت سان اسان جي دلين کي آباد فرمائي ۽ مرڻ گھڙي تائين اسان انهيء محبت تي قائم ۽ دائم رهون ۽ سڀاڻي بروزِ قيامت اهلِ بيتِ ڪرام جي ناناجان، سرورِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت کان به سعادت مند ٿيون ۽ سندن مبارڪن هٿن سان آبِ ڪوثر جا جام پڻ پيئون۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ