Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان عشق آهي پر اهي عشق جا تقاضا پورا نٿا ڪن جڏهن ته صحابَه ڪرام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهم اهي عظيم هستيون آهن جو جن پنهنجي گفتار ۽ ڪردار سان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته عشقِ رسول ئي دينِ حق جو پهرين شرط آهي، چڻ انهن عشقِ حبيب ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو، اهو ئي سبب آهي ته اڄ ڪيئي صديون گذرڻ جي باوجود به اهي حضرات عاشقانِ رسول جي دلين جو چين آهن۔ عام طور ڪن مريضن کي ڊاڪٽر مخصوص (Specified) دوائون کائڻ بابت چوندا آهن، مريض جيڪڏهن اهي دوائون کائن ته ٺيڪ رهن ٿا ۽ نه کائن ته انهن جي حالت بگڙجندي ويندي آهي، اهڙي طرح صحابَه ڪرام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهم جو اهو حال هو جو اهي عشقِ رسول جا مقدس مريض هئا، انهن جي لاءِ ديدارِ مصطفيٰ، صحبتِ مصطفيٰ، اطاعتِ مصطفيٰ ۽ اتباعِ مصطفيٰ دوا جهڙي حيثيت رکندي هئي ۽ اها هڪ اهڙي دوا هئي جو جنهن سان انهن جو موت ۽ حيات وابسته هو، ان جي بغير انهن جو جيئڻ مشڪل هو۔ الله  پاڪ جي پياري نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اهي سچا جانثار پنهنجي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ هڪ ادا کي نوٽ ڪندا هئا ۽ پوءِ ان تي عمل ڪندا هئا۔ رسولِ اڪرم، نبي محتشم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پنهنجي اهلِ بيت سان پيار ۽ الفت ڀريو ورتاؤ هي اهڙو معاملو هو جيڪو صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان کان لڪيل نه هو، صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان سٺي نموني ڄاڻندا هئا ته آقا عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام پنهنجي اهلِ بيت سان ڪيتري محبت رکن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان به اهلِ بيت ڪرام سان سچي محبت ڪندا هئا ۽ هميشه انهن سان ادب ۽ پيار جو تعلق رکندا هئا۔ ايستائين جو اهي پنهنجن رشتيدارن کان وڌيڪ سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اهل بيت کي عزيز رکندا هئا۔ جيئن

صحابه ڪرام ۽ اهلِ بيت جي محبت

 منقول آهي ته حَضرَتِ سَيِّدُنَا اَبُوبَڪرصِدّيق رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جڏهن اَمِيرُ الۡمُؤمِنِين، خَلِيفَةُ الۡمُسۡلِمِين مُنتَخَب ٿيا ته رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان تَعَلُّق جي سبب پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ اہلِ بيتِ اطہار جو تمام گھڻو خَيال رکندا هئا ۽ اَہۡلِ بيتِ