Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

حضرت سيدنا امام حسينرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه کي ٿڪاوٽ (Weariness) محسوس ٿي ته هڪ جاءِ تي  پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه آرام جي لاءِ ڪجھ دير ويهي رهيا۔ حضرت سيدنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه پنهنجي چادر کان حضرت سيدنا امام حسينرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه جي پيرن تان گرد و غبار صاف ڪرڻ لڳا ته حضرت سيدنا امام حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه انهن کي منع فرمايو۔ ان تي حضرت سيدنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه عرض ڪيو: فَوَاللّٰهِ لَوْ يَعْلَمُ النَّاسُ مِنْكَ مَا اَعْلَمُ لَحَمَلُوْكَ عَلَي رِقَابِهِمْ يعني الله  پاڪ جو قسم! اوهان جي جيڪا عظمت مون کي خبر آهي جيڪڏهن ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته اهي اوهان کي پنهنجي ڪلهن تي کڻن۔        (تاريخ ابن عساڪر،۱۴ /۱۷۹مختصراً)

حضرت امامِ حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه مون کي فرمايو: اي منهنجا پٽ! منهنجي تمنا  آهي ته اوهان اسان وٽ ايندا ڪريو۔ پوءِ مان هڪ ڏينهن سندن گھر ويس پر پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه سان عليحدگي ۾ گفتگو ۾ مصروف هئا ۽ سندن پٽ حضرت عبدالله  بن عمررَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه دروازي تي بيهي انتظار ڪري رهيا هئا۔ ڪجھ دير انتظار کان بعد جڏهن اهي واپس موٽڻ لڳا ته مان به موٽي آيس۔ بعد ۾ امير المؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه سان منهنجي ملاقات ٿي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه فرمايائون: ”لَمْ اَرَكَ يعني اوهان اسان وٽ ٻيهر آيا ئي نه؟“ مون عرض ڪيو: ’’اي اميرالمومنين! مان ته آيو هئس پر اوهان حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه سان گفتگو ۾ مصروف هئا۔ اوهان جا پٽ عبدالله  بن عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه به ٻاهر بيهي انتظار ڪري رهيا هئا (مون سوچيو جڏهن پٽ کي اندر وڃڻ جي اجازت نه آهي مون کي ڪيئن ٿي سگھي ٿي) لهٰذا مان ان سان گڏ ئي واپس موٽي ويس۔“ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه فرمايائون: ”اَنْتَ اَحَقُّ بِالْاِذْنِ مِنْ عَبْدِ الله ابْنِ عُمَرَ اِنَّمَا اَنْبَتَ فِيْ رُؤُوْسِنَاالله ثُمَّ اَنْتُم يعني اوهان منهنجي اولاد کان وڌيڪ هن ڳالھ جا حق دار آهيو ته اندر اچو۔ اسان جي مٿي تي هي جيڪي وار