Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

گھرجي، ائين علمِ دين سکڻ تي مشتمل بيان ٻڌڻ به ذِڪرُ الله  ئي ۾ شامل آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

فاروقِ اعظم جي اصحابِ ڪهف سان ملاقات

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب ”فيضانِ فاروقِ اعظم“ جلد 1 صفحي 304 تي آهي: هڪ ڏينهن الله  پاڪ جي محبوب، داناءِ غيوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ رب ڪريم جي بارگاھ ۾ اَصحاب ڪهف سان ملاقات جي آرزو ڪئي ته انهيءَ وقت حضرت سيدُنا جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلَام حاضر ٿيا ۽ بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪيو،” يارَسُولَ الله  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان انهن کي دنيا ۾ ظاهراً نه ڏسي سگھندو، البت پنهنجي صحابه مان چئن صحابين کي انهن وٽ موڪلي ڇڏيو ته جيئن اهي اوهان جو پيغام اُنهن تائين پهچائن ۽ انهن کي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏين۔“ هن طرح موڪلجو جو اوهان پنهنجي چادر (Shawl) مبارڪ وڇايو! هڪ پاسي حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه، ٻي پاسي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه، ٽئين پاسي حضرت علي المرتضي شير خدا کرَّمَ اللهُ تَعَالٰى وَجْهه الْکرِيم ۽ چوٿين پاسي حضرت ابو ذر غفاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه کي ويهاري ڇڏيو۔ پوءِ ان هوا کي سڏيو جيڪا حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي تابع هئي ۽ ان کي حڪم ڪريو ته انهن چئن ئي صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهم اجمعين کي کڻي ۽ ان غار تائين کڻي وڃي، جتي اصحاب ڪهف آرام فرمائي رهيا آهن۔“ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ائين ئي فرمايو، هوا ان چادر جنهن تي چار ئي صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان آرام ۽ سڪون سان ويٺل هئا ان کي کنيو ۽ اصحابِ ڪهف جي غار وٽ چادر کي زمين تي رکي ڇڏيو۔

 صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان غار جي ويجھو پهچي ان جي سوراخ تان پٿر کنيو، جيئن ئي روشني اندر پهتي ته اَصحاب ڪهف جي ڪتي هلڪو آواز ڪڍيو ۽