Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت ۾ نهايت ئي خوشبودار مدني گل اسان جي ذهنن کي تازگي بخشي رهيا آهن، اچو! اسان به ڪجھ مدني گلن کي پنهنجي دامن ۾ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، انهن مدني گلن مان نڪرڻ واري ٿڌي ٿڌي خوشبو سان پنهنجي دل ۾ صحابه ۽ اهل بيت عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي محبت کي وڌيڪ وڌائڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا:

(1)  الله  ڪريم نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مالڪ ۽ مختار بڻايو بلڪ اهڙي حڪمراني، بادشاهي ۽ شهنشاهي عطا فرمائي آهي جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪائنات جي هر هر شيء تي الله  جي حڪم سان حڪومت ڪن ٿا۔ جيئن جڏهن پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هوا کي حڪم ارشاد فرمايو ته اها سندن حڪم مڃندي صحابَه ڪرام کي اصحاب ڪهف جي غار(Cave) تائين کڻي وئي، يقيناً اهو سندن هڪ زبردست معجزو آهي ته هوائن تي به رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪمراني جو سڪو قائم آهي۔

خالقِ کُل نے آپ کو مالکِ کُل بنادیا                           دونوں جہاں ہیں آپ کے قبضہ و اختیار میں

(2)  تاجدارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جو شان هي آهي ته انسان ته انسان بي زبان جانور به انهن کي سڃاڻن ٿا ۽ انهن جي تعظيم ۽ عزت ڪن ٿا، جيئن غار ۾ موجود اصحابِ ڪهف جي ڪتي جڏهن پاڻ سڳورن عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي صحابين کي ڏٺو ته ان جي مبارڪ قدمن کي چمڻ لڳو، پنهنجو پڇ (Tail) هِلائڻ لڳو ۽ پوءِ مٿي جي اشاري سان اندر اچڻ جو چيائين۔ ڪنهن شاعر ڇا خوب چيو آهي ته

               دامنِ مُصْطَفٰے سے جو لپٹا یگانہ ہوگیا       جس کے حضور ہوگئے اس کا زمانہ ہوگیا

ہر صحابیِ نبی ٭٭٭٭٭جنّتی جنّتی     ہر صحابیِ نبی ٭٭٭٭٭جنّتی جنّتی

چار یارِ نبی  ٭٭٭٭٭جنتی جنتی     ابوبکر و عمر ٭٭٭٭٭جنّتی جنّتی