Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

ڪڏهن به اهي ڪنهن صحابي جي ولايت جي ڪمال تائين نه ٿا پہچي سگھن۔ خُداوَندِ قُدُّوس پنهنجي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شَمعِ نُبُوَّت جي پروانن کي مَرتبهء ولايت جو اهو بُلند ۽ اعلٰي مَقام عطا فرمايو آهي ۽ اُن مُقَدَّس ہستين کي اهڙين اهڙين عظيمُ الشَّان ڪرامتن سان سَرفراز فرمايو آهي جو ٻين سڀني اَوليائن جي لاءِ هن ڪمال جي مِعراج جو تَصوُّر به نه ٿو ڪري سگھجي۔

دو عالم نہ کیوں ہو نثارِ صحابہ       کہ ہے عرش منزل وقار ِصحابہ

امیں ہیں یہ قرآن ودین ِخدا کے     مدارِ ہدیٰ اعتبارِ صحابہ

خلافت، امامت، ولایت، کرامت  ہر اک فضل پر اقتدارِ صحابہ

(کراماتِ صحابہ، ص۳۰)

ہر صحابیِ نبی ٭٭٭٭٭جنّتی جنّتی             ہر صحابیِ نبی ٭٭٭٭٭جنّتی جنّتی

چار یارِ نبی  ٭٭٭٭٭جنتی جنتی      ابوبکر و عمر ٭٭٭٭٭جنّتی جنّتی

عثمانِ غنی ٭٭٭٭٭ جنّتی جنّتی     فاطمہ اور علی٭٭٭٭٭جنّتی جنّتی

حسن بھی حسین بھی  ٭٭٭٭٭ جنّتی  جنّتی     ہر صحابیِ نبی  ٭٭٭٭٭ جنّتی جنّتی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

شانِ صحابه ۽ قرآن ۽ حديث

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جو شان اهڙو بي مثال آهي جو ڪو به انهن جي مقام ۽ مرتبي کي نٿو پهچي سگھي۔

٭  هي اهي مبارڪ هستيون آهن جن سڀ کان پهريان اسلام قبول ڪيو، ٭  هي اهي مبارڪ هستيون آهن جن سڀ کان پهريان رسولِ خدا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دعوت تي لبيڪ چيو.

 ٭ هي اهي مبارڪ هستيون آهن جن آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ديدار  ڪيو ۽ سندن جي معجزن کي پنهنجي اکين سا ڏٺو

٭  هي اهي مبارڪ هستيون آهن جيڪي امت ۾ سڀ کان افضل ۽ اعلٰي آهن.