Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

تَرجَموڪنزالايمان: الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي الله کان راضي ٿيا ۽ انهن جي واسطي تيار ڪري رکيائين باغ جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون هميشه هميشه انهن ۾ رهندا، اها ئي وڏي ڪاميابي آهي.

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جو شان ڪيتري قَدر بُلند ۽ بالا آهي جو الله  پاڪ انهن جا عمل قَبول فرمائي انهن کي پنهنجي دائمي رِضا ۽ جنتي نعمتن جي بشارت(خوشخبري) ٻڌائي آهي، ٻيون به کوڙ آيتون آهن جن ۾ صحابَه ڪرام جو شان، انهن جو مقام ۽ ٻيون خوبيون ۽ ڪمالات بيان ٿيا آهن۔ الله  پاڪ جي پياري حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ به مُختلف موقعن تي پنهنجي پياري صحابَه ڪرام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهمْ جي عَظمت ۽ شان بيان فرمائي ۽ انهن جي مقام ۽ مرتبي کي عظيم الشان انداز ۾ ظاهر فرمايو آهي۔ اچو! بَرڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي عظمت بابت 3 فرمانِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو۔

1       ارشاد فرمايائون: بيشڪ الله  پاڪ مون کي مُنتَخَب فرمايو ۽ منهنجي لاءِ منهنجي صَحابين کي پسند فرمايو، پوءِ انهن مان منهنجا وزير، مُعاوِن ۽ رشتيدار بڻايا، فَمَنْ سَبَّہُمْ، بس جيڪو انهن کي گار ڏيندو، فَعَلَیْہِ لَعْنَۃُ اللّٰہِ وَالْمَلَائِکَۃِ وَالنَّاسِ اَجْمَعِیْنَ انهن تي الله  پاڪ، ان جي ملائڪن ۽ تمام ماڻهن جي لَعنت آهي، لَایَقْبَلُ اللّٰہُ مِنْہُ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ صَرْفًا وَّلَا عَدْلًا ، قيامت جي ڏينهن الله  پاڪ نه ان جو ڪو فَرض قَبول فرمائيندو نه نفل۔ (الصواعق المحرقه،ص۴)

2        ارشاد فرمايائون: منهنجي صحابين جي باري ۾ الله  پاڪ کان ڊڄندا رہو ”مون کان بعد انهن کي (پنهنجي تُہمتن ۽ بُرين ڳالھين جو) نشانو نه بڻايو، بس جنهن انهن سان مَحَبَّت ڪئي، ته ان مون سان مَحَبَّت جي سبب ايئن ڪيو ۽ جنهن انهن سان بُغض رکيو ته ان (دَرحقيقت) مون سان بُغض جي سبب ايئن ڪيو، جنهن انهن کي اَذِيت ڏني، ان مون کي اَذِيت ڏني ۽ جنهن مونکي اَذِيت ڏني، ان اللہ پاڪ کي اَذِيت ڏني ۽ جيڪو الله  پاڪ کي اِيذاء ڏي، عنقريب الله