Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

اَطہار جي باري ۾ فرمائيندا هئا ته ”نبي ڪريم، رءُوفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا رشتيدار مون کي پنهنجي رشتيدارن کان وڌيڪ عَزِيز آهن۔“

                      (بخاري، ڪتاب المغازي، باب حديث بني نضير۔۔۔الخ، ۳/۲۹، حديث: ۴۰۳۶،مفھوماً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا صديقِ اڪبررَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه کي اهلِ بيت ڪرام سان ڪيتري محبت هئي جو انهن کي پنهنجي گھروارن تي ترجيح ڏيندا هئا۔ اچو صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي اهلِ بيتِ پاڪ سان محبت جا وڌيڪ ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا:

حضرت سيدنا اميرِمعاويه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه جي بارگاھ ۾ حضرت سيدنا علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه جو تذڪرو ٿيو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه فرمايائون: خدا جو قسم! جڏهن علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه گفتگو ڪندا هئا ته سندن آواز ۾ شينهن جيان گجگوڙ (Thunder) هوندي هئي، جڏهن ظاهر ٿيندا هئا ته چنڊ جيان روشن هوندا هئا ۽ جڏهن نوازيندا هئا ته برسات جيان بي انتها عطا ڪندا هئا، ڪجهه حاضرين پڇيو ته اوهان افضل آهيو يا حضرت سيدنا علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه؟ فرمايائون: ’’حضرت سيدنا علي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه جا ڪجھ نقوش به آلِ ابوسفيان کان بهتر آهن۔ پوءِ فرمايائون: جيڪو شخص حضرت سيدنا علي المرتضيٰرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه جي ساراھ ۾ سندن شان لائق شعر ٻڌاءِ مان ان کي هر شعر جي بدلي هزار دينار انعام ڏيندس۔“ پوءِ حاضرين شعر ٻڌايا، حضرت سيدنا اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا: انهن شعرن ۾ جيڪي اوهان ’’اميرالمؤمنين حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه جي شان ۽ عظمت بيان ڪئي پاڻ ان کان به وڌيڪ افضل آهن۔“ پوءِ حضرت سيدنا عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهما حضرت علي المرتضيکَرَّمَ اللّٰه تَعَالٰى وَجْهه الْکرِيم جي شان وعظمت ۾ ڪيئي شعر پڙھيا۔                                                                                     (الناھية ،فصل تابع في فضائل معاوية،ص۵۹مختصرًا)

منقول آهي ته ڪنهن جنازي ۾ نواسه رسول حضرت سيدنا امام حسين ۽

 مشهور صحابي رسول سيدنا ابو هريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه گڏ هئا۔ اتان کان واپسي تي