Book Name:Faizan-e-Sahaba-o-Ahle Bait

حديث: ۳۲۴) ٭  سٺو دوست اهو آهي جو ان کي ڏسڻ سان توهان کي خدا ياد اچي ۽ ان جي گفتگو سان توهان جي عمل ۾ زيادتي ٿئي ۽ ان جو عمل توهان کي آخرت جي ياد ڏياري۔ (الجامع الصغير، حرف الخاء،حديث:۴۰۶۳، ص۲۴۷) ٭  چڱي دوست جي هم نشيني نه صرف دنيا ۾ فائديمند هوندي آهي بلڪ قبر ۾ به نيڪوڪار جي صحبت فائدو پهچائيندي آهي۔ (اچھے ماحول ڪي برڪتيں،ص۳۳) ٭  عمل ڪرڻ جو اهو اعليٰ جذبو جيڪو هڪ پاڪيزه ماحول جي صحبت سان ملندو آهي اهو ٻي نموني نا ممڪن نه ته مشڪل ضرور آهي۔ (ايضا،ص۲۱) ٭  اهڙو ماحول بنائڻ گھرجي جنهن ۾ تمام شريڪ ٿيندڙن جو اٿڻ ويهڻ پاڻ ۾ ملاقات ڪرڻ ۽ هڪ ٻي سان محبت رکڻ فقط الله  پاڪ جي رضا ۽ خوشنودي جي لاءِ هجي۔ (ايضا،ص۲۵) ٭  سٺي ماحول سان چڱي صُحبت ملندي آهي۔ (ايضا،ص۱۶) ٭  سٺي ماحول سان وابسته ٿيڻ تي ظاهر ۽ باطن جي اصلاح ٿيندي آهي۔ (ايضا،ص۱۶) ٭  بُري ماحول کي اپنائڻ وارا ماڻهو پنهنجي عزت ۽ وقار ۽ حيثيت کي وڃائي ويهندا آهن۔ (ايضا،ص۲۶) ٭  حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايو: جنهن ڀاءُ يا ساٿي جي صحبت توهان کي ديني فائدو نه پهچائي توهان ان جي صُحبت کان بچو ته جيئن توهان محفوظ ۽ سلامت رهو۔ (ڪشف المحجوب، باب الصحبة ومايتعلق بها، ص۳۷۴) ٭  دعوتِ اسلامي جو بهترين روح پرور ماحول عبادات ۽ معاملات جي نگهداشت ۽ سنتن جي حفاظت جو جذبو کڻي مديني پاڪ ڏانهن وڃي رهيو آهي تنهنڪري دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ۽ نيڪ ماحول سان وابسته ٿيڻ ٻنهي جهانن جي ڀلائي آهي۔ (اچھے ماحول کی برڪتيں،ص۲۲)

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.