Book Name:Seerat e Usman e Ghani

البَقِيع  ۾ دفن ڪيو ويو۔ (اسدالغابة،عثمان بن عفان،۳ / ۶۱۴-۶۱۶ ملخصاً)

دُرّ منثور قرآں کی سِلک بہی                              زَوجِ دو نُور عِفت پہ لاکھوں سلام

یعنی عثمان صاحبِ قمیصِ ہدی                               حُلّہ پوشِ شہادت پہ لاکھوں سلام

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اَميرُ المُؤمِنِين حضرت سَيدُناعثمانِ غَنيرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جو شمار انهن صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۾ ٿيندو آهي جن تي اسلام قبول ڪرڻ کان بعد وڏو ظلم وستم ڪيو ويو، طرح طرح سان ستايو ويو ۽ نهايت ئي درد ناڪ سُلوڪ ڪيو ويو، پر قربان ٿجي! نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن جان نثار صحابي رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي عزم و استقلال تي!جو ايتري قدر ظلم سهي ڪري به باطل جي اڳيان مظبوط رهيا ۽ دينِ اسلام کان هڪ انچ به پوئتي ٿيڻ جي لاءِ تيار نه ٿيا،

    جولائي, آگسٽ 2018 جي ماهنامه فيضانِ مدينه جي صفحي نمبر 4 تي آهي ته ايمان، اعمالِ صالحه (نيڪ عمل)، گناهن کان اجتناب (بچڻ) تي ڄميو رهڻ استقامت چورائيندي آهي. ائين به چئي سگهو ٿا ته استقامت هي آهي ته ايمان ضايع نه ٿئي، نيڪ عمل، مثال طور: نماز، روزه، حج زڪوٰة ترڪ نه ٿين. تلاوت، ذڪر، درود، تسبيحات و اذڪار، صدقا ۽ خيرات، ٻين جي خير خواهي وغيره تي هميشگي هجي، تمام گناهن کان بچڻ جي عادت پخته رهي، اهي سڀئي شيون استقامت ۾ داخل آهن، البت هر استقامت جو حڪم جدا آهي، جيئن: صحيح عقيدن تي مظبوط رهڻ سڀ کان وڏو فرض آهي. فرضن تي هميشگي به فرض آهي. گناهن کان بچندو رهڻ به لازم آهي ۽ مستحبن جي پابندي به اعلي درجي جو مستحب آهي، ان اعتبار سان استقامت جون 3 قسمون ٿينديون آهن. (1) ايمان تي استقامت، جيئن: حضرت