Book Name:Seerat e Usman e Ghani

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته! اميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه مسلمانن جا ڪيتري قدر زبردست خيرخواه ۽ سخاوت جا سمنڊ هئا۔ اهو به معلوم ٿيو ته اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ امت جي حال کان هر وقت باخبر آهن، اهو به معلوم ٿيو ته الله پاڪ امير المؤمنين حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جو عمل قبول فرمائي جنتي حور سان ان جو نڪاح فرمائي ڇڏيو آهي. اهو به معلوم ٿيو ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي الله جي عطا کان معلوم آهي ته ڪنهن جو عمل الله پاڪ جي بارگاهه ۾ قبول ٿيو ۽ ان کي ڪهڙو انعام عطا ٿيو. اميراهلسنت دامت برڪاتهم العاليه شانِ مصطفٰي بيان ڪندي لکن ٿا :

اُمّت کے حال سے  ہیں آگاہ ہر گھڑی  آپ

خوابوں میں آ رہے ہیں بگڑی بنا رہے ہیں

 ياد رهي! اميرُ المؤمنين حضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي سخاوت جو اهو پهريون موقعو نه هو بلڪ سندن سخاوت جو درياء هر وقت پنهنجي جوش تي رهندو هو ۽ پاڻ پنهنجي مبارڪ زندگي ۾ ڪيئي ڀيرا پنهنجو کوڙ مال راھ خدا ۾ پيش فرمايو۔ اچو! سندن سخاوت جو هڪ ٻيو دلنشين واقعو ٻڌو، جيئن

سيدنا عثمان غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي سخاوت

حضرت سيّدنا عبدالرحمٰن بن خَبَّاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي: آئون بارگاههِ نبوي ۾ حاضر هئس ۽ رحمتِ عالَمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن صحابه ڪرام عَليِهِمُ الرِّضوَان کي ”جَيشِ