Book Name:Seerat e Usman e Ghani

فنا اتنا تو ہو جاؤں میں تیری ذاتِ عالی میں

جو مجھ کو دیکھ لے اُس کو ترا دیدار ہو جائے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مسجد درس“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! فيشن کان پاسو ڪرڻ، عشقِ رسول جو جام پيئڻ ۽ سنتن سان محبت جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اِسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهندي ڪجھ نه ڪجھ وقت ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪريو۔ ياد رهي! ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مسجد درس“ به آهي۔ ٭ ”مسجد درس“ سان مسجدون آباد ٿين ٿيون۔ ٭ ”مسجد درس“ سان انفرادي ڪوشش ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو۔٭ ”مسجددرس“ سان نمازين جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو آهي۔٭”مسجد درس“ جي برڪت سان ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جو موقعو ملندو آهي۔ ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جي ته ڇا ڳالھ ڪجي!!

منقول آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ حضرت سيدُنا مُوسيٰ ڪلِيمُ الله عَلٰى نَبِينَاوَعَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ڏانهن وَحي فرمائي: اي مُوسيٰ! ڀلائي جون ڳالهيون پاڻ به سکو ۽ ماڻهن کي سيکاريو ڇوته مان ڀلائي سکڻ سيکارڻ وارن جون قبرون روشن ڪندس ته جيئن انهن کي ڪنهن قسم جي وَحشت نه ٿئي۔ (حليۃ الاولياء،ڪعب الاحبار، ۶/۵ ،رقم:۷۶۲۲) بيان ڪيل روايت مان معلوم ٿيو ته سٺين سٺين نيتن سان سُنَّتن ڀريو بيان ڪرڻ يا درس ڏيڻ ۽ ٻڌڻ وارن جا وڏا ڀاڳ آهن، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهن جون