Book Name:Seerat e Usman e Ghani

وئي ايستائين جو سندن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه جو چاچو حَڪم بن اَبي العاص ته ايتري قَدر ناراض ٿيو جو سندن کي پڪڙي هڪ رَسّي سان ٻڌي چوڻ لڳو: تو پنهنجي پيءُ ڏاڏي جو دِين ڇڏي ٻيو مَذهب اِختيار ڪيو آهي، جيستائين تون نئين مَذهب کي نه ڇڏيندين اسان تون کي نه ڇڏينداسين، اهڙي طرح ٻڌي رکنداسين۔ اهو ٻڌي حضرت سَيدُنا عثمانِ غَنيرَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه جن فرمايو: رب ذُوالجَلال جو قسم! مان اسلام کي ڪڏهن نه ڇڏيندس، نه ڪڏهن هن دولت کي ڇڏي سگھان ٿو، دل مان دينِ اسلام نڪري وڃي اهو هرگز نٿو ٿي سگھي۔ حَڪم بن اَبي العاص جڏهن سندن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه جو اهو جذبو (Passion) ڏٺو ته مَجبور ٿي سندن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه کي قيد مان آزاد ڪري ڇڏيو۔ (تاريخ مدينة دمشق،عثمان بن عفان ،۳۹ /۲۶)

اگرچہ لاکھ دشمن دھمکیاں دے جان لینے کی                                          کسی سے کیوں ڈرے تیرا فدائی یارسولَ اللہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! اِيمان آڻڻ کان بعد حضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه تي سندن گھروارن ڪيتري قَدر ظُلم وسِتم ڪيو پر پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه اُنهن کي بَرداشت ڪندي ثابِت قَدم رهيا۔ هن واقِعي مان اهڙن ماڻهن کي همّت ۽ حَوصلي سان ڪم وٺڻ گھرجي ته جيڪي اِسلامي تَعليمات کان مُتاثر ٿي دائره اِسلام ۾ ته داخل ٿي ويا، پر انهن جي گھروارن تي اڃا تائين اِسلام جي حَقَّانِيت واضِح ناهي ٿي، جو هو اُن تي ظُلم و زِيادتي ڪن ٿا، طرح طرح سان ستائن ٿا ته جيئن ڪهڙي نموني مَعَاذَ اللهعَزَّوَجَلَّ هي دينِ اِسلام کان ڦري مُرتدّ ٿي وڃن۔ پر ياد رکو! هر حالت ۾ اِيمان جي حِفاظت اِنتهائي ضَروري آهي، چاهي