Book Name:Seerat e Usman e Ghani

انهن کي ڏيڻ ڏکيو لڳندو آهي، ۽ ايستائين جو ڪي ته ڏيندا به ناهن! پر قربان وڃجي! حضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ پنهنجي اعلان کان گهڻووڌيڪ چندو راههِ خدا ۾ پيش ڪيو۔ جيئن حڪيمُ الاُمت، حضرت مفتي احمد يار خان عَليهِ رَحمةُ الۡحَنَّان هن حديث پاڪ تحت فرمائن ٿا: خيال رهي اهو ته سندن جو اعلان هو پر حاضر ڪرڻ وقت پاڻ 950 اُٺ، 50 گھوڙا ۽ 1000 اشرفيون پيش ڪيون، ۽ بعد ۾ 10 هزار اشرفيون وڌيڪ پيش ڪيون (مفتي صاحب وڌيڪ فرمائن ٿا) خيال رهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ پهرين ڀيري هڪ سؤ جو اعلان ڪيائون، ٻئين ڀيري 100 اُٺَن کان علاوه 200 جو، ٽئين ڀيري وڌيڪ 300 جو، ڪُل 600 اُٺَ (پيش ڪرڻ) جو اعلان ڪيائون۔                    

   (مرآة المناجيح،۸/۳۹۵)

مجھے اپنی سَخاوت کے سَمُندر سے کوئی قَطرہ              عَطا کر دو نہیں دَرْکار مجھ کو تاجِ سُلطانی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

          اچو! هاڻي اميرُ المُؤمنين حضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جو مختصر تعارف ٻُڌو، جيئن

 

حضرت سَيدُناعثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جو مختصر تعارف

پاڻرَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه جو مبارڪ نالو، ”عُثمان“ ۽ ڪنيت’’ابوعَمرو‘‘ آهي۔ جڏهن ته سندن لقب ”اَميرُ المُؤمنين، ذُوالنُّورَين، ڪاملُ الحَياءِوَالاِيمان، (حيا ۽ ايمان ۾ ڪامل) جامِعُ القرآن (قرآن گڏ ڪرڻ وارا)، سَيدُالاَسخِياء(سخين جا سردار)، عُثمانِ باحَيا وغَيره مشهور (Famous) آهن۔ (ڪرامات عثمان غني ص۳، ۵،۱۱) پر پاڻرَضِیَ اللهُ