Book Name:Seerat e Usman e Ghani

قبرون اَندران جڳمڳ جڳمڳ ڪري رهيون هونديون ۽ انهن کي ڪنهن قسم جو خوف محسوس ناهي ٿيندو۔ اچو! ترغيب لاءِ ”مسجد درس“ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

بغض ۽ ڪينو نڪري ويو

تعلقي بھلوال (پنجاب، پاڪستان) جي رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان بدمذهبيت جي تاريڪ وادين ۾ ڀٽڪي رهيو هو، بدمذهبن جي صحبت جي نحوست جو رنگ ايتري قدرغالب هو جو دعوتِ اسلامي جي نالي کان به چڙندو هو، ان جي زندگي جا ڏينهڙا انهيء بغض ۽ ڪيني ۾ گذري رهيا هئا۔ هڪ ڏينهن هو پنهنجي پاڙي جي مسجد ۾ نمازِ مغرب جي ادائيگي جي لاءِ ويو، نماز کان بعد مسجد ۾ ”مدني درسِ“ (درسِ فيضانِ سُنّت) ٿي رهيو هو، ان جي خوش قسمتي جو هو مدني درس ۾ شريڪ ٿيو۔”درسِ فيضانِ سُنّت“ کان پوءِ ان اسلامي ڀاءُ سان جارِحانه (لڙائي جھيڙي واري) انداز ۾ بحث مباحثو شروع ڪيو پر اهو اسلامي ڀاءُ وڏي پياري انداز ۾ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جون برڪتوڻ ٻڌائڻ سان گڏوگڏ سُنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جو ذهن به ڏيندا رهيا، الله ڪريم جي فضل و ڪرم سان هو هفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ شريڪ ٿي ويو، سُنتن ڀري اجتماع ۾ مبلغِ دعوتِ اسلامي جو بيان پوءِ ذِڪرُ الله ۽ آخر ۾ رقت انگيز دعا ان جي دل جي دنيا ئي بدلي ڇڏي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! ان سچي دل سان توبه ڪئي ۽ سُنّتن ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ مدني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔

ہے تجھ سے دعا ربّ اکبر! مقبول ہو’’فیضانِ سُنّت‘‘      مسجد مسجد گھر گھر پڑھ کر،اسلامی بھائی سناتا رہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ