Book Name:Seerat e Usman e Ghani

ڪهڙي ئي آفت اچي اِيمان جي دولت هٿ مان نه وڃڻ کپي بلڪ ايمان تي استقامت جي لاءِ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪندو رهڻ گھرجي۔

  ايمان تي خاتمي جي لاءِ ”شجرهء، قادريه، رضويه عطاريه“ ۾ هڪ نهايت پيارو وظيفو به آهي، جيڪو به صبح ۽ شام 3،3 ڀيرا هن کي پڙهندو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ پڙهڻ واري جو خاتمو ايمان تي ٿيندو. اهو پيارو وظيفو شجري شريف جي صفحي نمبر 15 تي موجود آهي.

   سيرتِ عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ۾ انهن اسلامي ڀائرن جي لاءِ سکڻ جو مدني گل آهي جن کي گھر وارن يا ٻين رشتيدارن جي طرفان سنتن جي خدمت ڪرڻ سبب طرح طرح سان ستايو ويندو آهي ته اهي همت هاري مدني ماحول جي برڪتن کان پنهنجو پاڻ کي محروم ڪندا آهن، انهن کي گھرجي ته هو ان طرح جي رنڊڪن جي ڪري هرگز دل ننڍي نه ڪن بلڪ نبين سڳورن عَلَيهمُ السَّلام ۽ بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اجمعين خاص ڪري شهداءِ ڪربلا رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهم اجمعين تي ايندڙ مصيبتن ۽ تڪليفن ۽ ان تي انهن جي ثابت قدمي کي پنهنجي پيشِ نظر رکن، سُنّتن جي خدمت جي سلسلي کي جاري رکن ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان مضبوطي سان جُڙيل رهن ڇوته دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهڻ به ايمان تي استقامت جو بهترين ذريعو آهي۔ الله ڪريم اسان کي ايمان تي استقامت، دعوتِ اسلامي ۽ امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي سچي پڪي غلامي نصيب فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

اچو! بارگاھ الٰهي ۾ سلامتي ايمان جي دعا ڪيون ٿا:

اِیماں پہ ربِّ رحمت دیدے تُو استقامت                                                            دیتا ہوں واسطہ میں تجھ کو تِرے نبی کا