Book Name:Seerat e Usman e Ghani

سان سندن سيرتِ مُبارڪه جون ڪجھ جھلڪيون ملاحظه ڪريو،

سِيرتِ صدرالافاضِل“جون ڪجھ جھلڪيون

      صدرالافاضِل حضرتِ علامه مولانا سيد محمد نعيم الدين مرادآبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وِلادت 21 صَفرالمُظَفَّر ۱۳۰۰بمطابق پهرين جنوري 1883 بروز سومر شريف ’’هند‘‘ جي شهر’’مرادآباد‘‘ ۾ ٿي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو نالو ’’محمدنعيم الدين‘‘ رکيو ويو، سندن والدِ ماجد حضرت مولانا سيد محمد معين الدين نُزهت ۽ جدِّ امجد (يعني ڏاڏا محترم) حضرت مولانا سيد امينُ الدين راسخ پنهنجي پنهنجي دور ۾ اردو ۽ فارسي جا استاد مڃايا ويا۔ (تذڪره صدر الافاضل،ص۲-۳ ملخصاً) ۱۳۲۰ھ بمطابق  1902 عيسوي ۾ 20 سال(Twenty years) جي عمر ۾ سندن دستار بندي ٿي۔ آخرڪار 19ذُوالحِجَّةالْحَرام ۱۳۶۷ ھ تي هن دُنيا مان لاڏاڻو ڪيو، جامعه نعيميه (مرادآباد هند) جي مسجد جي کاٻي پاسي ۾ سندن آخري آرام گاھ آهي۔ (تذڪره صدر الافاضل،ص۲۲تا۲۴ ملخصاً)

وقتِ رُخصت جا حالات

  خليفهء صدرالافاضِل حضرتِ علامه مولانا سيد غلام معين الدين نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جو بيان آهي: يارهين وڳي جو ٽائم هو. صدرالافاضِل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي ڪمري جا ٽئي دروازه بند ڪري ڇڏيا. ڪمري ۾ منهنجي ۽ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان سواءِ ڪو به نه هو. ڪجهه دير مون سان گفتگو فرمايائون، ان کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خاموش ٿي ويا. تقريبن ساڍي يارهين وڳي فرمايائون، پکو کولي ڇڏ، مون کولي ڇڏيو، پوءِ فرمايائون: گهٽ ڪيو، مون ان جي رفتار نمبر 2 تي ڪئي، پوءِ فرمايائون اڃان گهٽ ڪيو، مون نمبر 3 تي رفتار ڪئي، ڪجهه وقفي کان پوءِ فرمايائون اڃان به گهٽ