Book Name:Seerat e Usman e Ghani

اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي پاڪيزه سيرت جو ساراھ جوڳو پهلو هي به آهي ته پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه مسلمانن کي قرآنِ ڪريم جي هڪ نسخي تي گڏ ڪري اُمّتِ محبوب تي تمام وڏو احسان ڪيو، تنهنڪري انهيء سبب پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کي ”جامعُ القرآن“ جو عظيمُ الشّان لقب عطا ڪيو ويو۔ اچو! قرآن جمع ڪرڻ جي حوالي سندن هن مشهور ڪارنامي جو مختصر ذڪرِ خير ٻڌو، جيئن

جمعِ قرآن ۾ عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جو ڪردار

زمانَه نبوت کان بعد ڪجھ مختلف قومن جي بعض افراد جي ذهنن ۾ اها ڳالھ ويهي رهي ته جنهن لهجي ۽ لغت ۾ اسان پڙهون ٿا انهيء ۾ قرآنِ ڪريم نازل ٿيو آهي، اهڙي طرح ڪو چوڻ لڳو ته قرآن هن لهجي ۾ آهي ۽ ڪو چوڻ لڳو ته نه بلڪ ٻئي لهجي ۾ آهي ايستائين جو حضرت (سيدنا) عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي زماني ۾ اها نوبت آئي جو ماڻهو هن معاملي ۾ هڪ ٻئي سان وڙهڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا۔ جڏهن حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کي هن ڳالھ جي خبر پهتي ته پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه فرمايائون اُمّ المؤمنين حضرت (سيدتنا) حفصه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها کان صحائف گھرائي انهن جي نقل ورتي وڃي ۽ تمام سُورتون هڪ مصحف ۾ گڏ ڪيون وڃن، پوءِ اهي مَصاحف اسلامي شهرن ۾ موڪليا وڃن ۽ سڀني کي حڪم ڏنو وڃي ته اهي انهيء لهجي جي پيروي ڪن. انهيءَ عظيم ڪم جي ڪري حضرت (سيدنا) عثمانِ غني کي ”جامعُ القرآن“ چيو ويندو آهي۔ (تفسير صراط الجنان،۱/۲۴-۲۵ملخصاً)

تمہیں کو جامعِ قرآن کا حق نے دیا مَنْصَب               عطا قرآں کو کرکے جَمْع کی اُمَّت کو آسانی