Book Name:Seerat e Usman e Ghani

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اميرُالمؤمنين حضرت سيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي پاڪيزه سيرت جو هڪ روشن پهلو هي به آهي ته پاڻ سڄي سڄي رات ربّ ڪائنات جي بارگاھ ۾ سجدي ۽ قيام جي حالت ۾ گذاريندا هئا، آخرت کان ڊڄندا هئا ۽ پنهنجي رب ڪريم جي رحمت جي آس ۾ هوندا هئا۔ ڏينهن جو وقت سخاوت ۽ روزي جي حالت ۾ گذريندا هئا ته راتيون بارگاھ خدا وندي ۾ سجدي ۽ قيام ۾ ڪٽجي وينديون هيون۔ اچو! سندن شوق عبادت ۽ ذوقِ تلاوت تي مشتمل4 واقعا ٻڌو ۽ نصيحت جا مدني گل چونڊيو، جيئن

عثمانِ غني جو عبادت ۽ تلاوت جو شوق

(1)حضرت سيدُنا زبيربن عبدُالله رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان روايت آهي ته امير المؤمنين حضرت سيدُنا عثمان رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه هميشه روزو رکندا هئا ۽ ابتدائي رات ۾ ڪجھ آرام ڪري پوءِ سڄي رات عبادت ۾ گذاريندا هئا۔ (مصنف ابن ابي شيبة، ڪتاب صلاة التطوع۔۔۔الخ،باب من ڪان يامرالخ،ج۲،ص۱۷۳، حديث:۶) (2) حضرت سيدُنا مسروق رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه اَشتَر(يعني حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کي شهيد ڪرڻ واري سان مليا) ته پڇيائون: ”ڇا تو اميرالمؤ منين حضرت سيدُنا عثمان رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کي شهيد ڪيو آهي؟“ ان چيائين: ”ها۔“ ته پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه فرمايائون: الله پاڪ جو قسم! تو روزيدار ۽ عبادت گذار شخص کي شهيد ڪيو آهي۔ (معجم ڪبير،۱/۸۱، حديث:۱۱۴) (3) جڏهن امير المؤمنين حضرت سيدُنا عثمان غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کي شهيد ڪيو ويو ته پاڻرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي گھرواريءَ قاتلن کي