Book Name:Seerat e Usman e Ghani

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلس”المدينه لائبريري“

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! قرآن جي مَحَبَّت ڪو دل ۾ رکڻ، تلاوت جو ذوق و شوق وڌائڻ ۽ فيضانِ عثمانِ غني سان فيضياب ٿيڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچايو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ ڪم وپيش104 شُعبن ۾ دِينِ اسلام جو پيغام عام ڪري رهي آهي، انهن مان هڪ شُعبو بنام ’’مجلس المدينه لائبريري“ به آهي۔ هن مجلس تحت مدني مراڪز فيضانِ مدينه(عينِ مسجد جي علاوه ڪنهن ٻي مقام) ۾ ”المدينه لائبريري“ جي نالي سان هڪ اسلامي ڪتب خانو قائم ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ مخصوص وقت ۾ مُطالعي جي لاءِ خُوشگوار ماحول، آڊيو، ويڊيو بيان ۽ مدني مذاڪرا ٻڌڻ ۽ مدني چينل ڏسڻ جي لاءِ ڪمپيوٽرز(Computers) وغيره جي ترڪيب بڻائي ويندي آهي، ”المدينه لائبريري“ ۾ شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه ۽ اَلمدِينَة العِلمِيه جا تحرير ڪيل مختلف مَوضُوعن تي مُشتمِل ڪتاب ۽ رسالا رکيا ويندا آهن، الله ڪريم”مجلس المدينه لائبريري“ کي وڌيڪ ترقيون عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                      اے دعوتِ اسلامی تری دھوم مچی ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ذُوالحِجَّةالحَرام جو برڪتن ڀريو مهينو اسان جي وچ ۾ درميان جلوه گر آهي، هن مهيني جي 19 تاريخ تي صدرالافاضِل حضرت علامه مولاناسَيد مفتي محمد نعيم الدين مُراد آباديرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عرس ملهايو ويندو آهي، اچو! انهيءَ مناسبت