Book Name:Seerat e Usman e Ghani

ڪيو، سو مون پکي جو رخ ديوار ڏانهن ڪري ڇڏيو، ته جيئن ديوار سان هوا ٽڪرائجي لڳي ڪجهه دير کان پوءِ فرمايائون: بند ڪري ڇڏ، ان کان پوءِ فرمائڻ لڳا: منهنجي ٻانهن کي زور ڏي. ته پوءِ مون کٽ جي ساڄي پاسي ويهي ٻانهن ۽ چيلهه کي زورَ ڏيڻ شروع ڪيا، ڏٺم ته زبانِ اقدس مان ڪجهه فرمائي رهيا آهن ۽ مبارڪ چهري تي بيحد پسينو آهي. مون رومال سان چهري جو پسينو خشڪ ڪيو. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نظر کڻي مون ڏانهن ڏٺو، پوءِ آواز سان ڪلمو پاڪ لَآ اِٰلہَ اِلَّااللّٰہُ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰہ پڙهڻ شروع ڪيو. آواز هلڪو ٿيندو ويو، ٺيڪ ٻارنهن لڳي 25 منٽن تي مون کي ڦڦڙن جي حرڪت بند ٿيندي معلوم ٿي خود ئي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه قبلي جي طرف ٿي ڪري پنهنجا هٿ پير سڌا ڪري ورتا هئا. ائين 19 ذوالحجة الحرام 1367 هجري ۾ ڪلمو شريف پڙهندي سندن وفات ٿي.(تذڪره صدرالافاضل، ص 23)

اچو! مڪتبة المدينه جي رسالي ”تذڪرهٔ صدرُالافاضل“ جي روشني ۾ سندن ديني خدمتن جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا، جيئن

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

صَدرُ الاَفاضِل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جون ديني خدمتون       

٭ صدرالافاضِل حضرت علامه مولاناسَيد مفتي محمدنعيم الدين مراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه درسِ نظامي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پڙھائڻ شروع ڪيو ۽ ڪيئي مشهور عالمن ۽ مفتي سڳورن کي ديني خدمت جي لاءِ تيار ڪيو۔ ٭ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فنِ طِب ۽ تصنيف وتاليف جي شعبي سان به وابسته رهيا۔ ٭ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه 20 سال جي عمر ۾ پنهنجي دورِ طالبِ علمي ۾ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي