Book Name:Seerat e Usman e Ghani

سيدناعثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جو عشقِ رسول

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عشقِ رسول هڪ اهڙو خزانو آهي جو جنهن کي اهو خزانو عطا ٿي ويندو آهي ان جا ڀاڳ کلي پوندا آهن، جيڪڏهن اسان حضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي سيرتِ پاڪ جو مطالعو ڪريون ته اسان تي اها حقيقت واضح ٿي ويندي ته رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا جان نثار صحابي اميرُالمُؤمِنِين حضرت سيدُنا عثمانِ غنيرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کي به اهو خزانو عطا ٿيو هو، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه هڪ سچا عاشقِ رسول بلڪ عشقِ مصطَفٰي جي اعلٰي درجي تي پهچي چڪا هئا۔ ڄڻ عشقِ رسول ۾ جيئڻ ۽ مرڻ ئي سندن مقصدِ حيات بڻجي ويو هو. عشقِ رسول جي چاشني سندن رَڳ رڳ ۾ ايتري قدر سرايت ڪري چڪي هئي جو مَحبُوب آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان وڌيڪ سندن کي ڪجھ به عزيز نه هو، مطلب سندن سڄي زندگي عشقِ رسول جي مشڪبار گلن سان سجيل آهي، ته اچو! اميرُالمؤمنين حضرت سَيدنا عثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي عشقِ رسول تي مشتمل هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌو ۽ جھومو،

پنهنجي آقا جي بغير طواف ڪيئن ڪيان؟

          جڏهن نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت سيدنا فاروقِ اعظمرَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه جي مشوري تي حضرت سَيدُنا عثمان غنيرَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه کي صلحِ حديبيه جو پيغام (Message) ڏئي مڪه مڪرمه ۾ قريش ڏانهن روانو ڪيائون ته ڪيئي صحابه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان هن ڳالھ تي رشڪ ڪري رهيا هئا ته حضرتِ عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه